ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي ۽ ڪپتان بابر اعظم وچ ۾ لفظي جنگ بابت گردش ڪندڙ سمورا افواهه ختم ٿي ويا آهن.
ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا هٿان اهم ميچ ۾ شڪست کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم ۽ فاسٽ بالر شاهين آفريدي وچ ۾ ڊريسنگ روم ۾ سخت لفظن جي ڏي وٺ ٿي آهي.
پر هاڻي شاهين آفريدي طرفان سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪيو ويو جنهن بعد ڪپتان بابر ساڻ سندس ڪنهن به قسم جي لفظي تڪرار جي افواهن دم ٽوڙي ڇڏيو آهي.