ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ گولڊ ميٽل روز نئين بلندي کي ڇُهي رهيو آهي.
ملڪ ۾سون تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، اڄ به في تولي سون جي قيمت ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون پندرنهن سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 77 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون به 1258 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 37 هزار 482 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 12 ڊالر اضافي سان ٻه هزار ڇهه سئو پنجهٺ ڊالرز ٿي وئي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version