ملير(رپورٽ , حسن) سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي پاران ٻارن جي تحفظ بابت آگاهي مهم جي سلسلي ۾ راهو گهرام جوکيو ڳوٺ جي اسڪول ۾ تقريب منقعد ڪئي وئي, تقريب ۾ صوبائي وزير ۽ چيئرمين سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي محمد ساجد جوکيو, ايس ايس پي ملير حسن سردار, ضلع ڪائونسل ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر نور حسن جوکيو, سنڌ مدرسه اسلام بورڊ جي سيڪريٽري شفيق پراچه، ڊي جي اصغر گهانگرو، انجينئير ايجوڪيشن ورڪس سليم شيخ، پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ حاجي علي احمد جوکيو, امداد جوکيو, مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي جي چيئرمين علي زمان جوکيو, غفور جوکيو, رفيق جوکيو ۽ ٻين معززين سميت شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي, تقريب کي خطاب ڪندي سوشل ويلفيئر سنڌ جي صوبائي وزير ۽ چيئرمين سنڌ چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي محمد ساجد جوکيو چيو ته ٻارن کي تحفظ ڏيڻ بابت آگاهي مهم شروع ڪئي ويئي آھي جنهن جو مقصد ٻارن ۽ سندن والدين کي چائلڊ پروٽيڪشن اٿارٽي بابت آگاھ ڪرڻ آھي، هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ٿاڻن , پريس ڪلبن, چوراهن ۽ روڊن رستن تي بينر لڳايا ويندا جنهن تي نمبر به لکيل هوندو, اطلاع تي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر متاثر فيملي وٽ پهچي سندن هر طرح جي مدد ڪندو, ساجد جوکيو چيو ته سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاء تمام گهڻو ڪم ڪيو آھي, ٻارن جي تحفظ لاء وڏي پئماني تي ڪم ٿي رهيو آھي, صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو سڄي سنڌ جي اسڪولن ۾ وڃي ٻارن ۽ والدين کي آگاهي ڏينداسين, ٻارن کي تعليم سان گڏ تحفظ جو يقين ڏيارينداسين, ساجد جوکيو چيو ته تعليم هڪ وڏو هٿيار آھي, تعليم سان پوري دنيا کي فتح ڪري سگهجي ٿو, هن چيو ته ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءَ هر هڪ شهري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي, ساجد جوکيو چيو ته نياڻين کي لازمي تعليم ڏياري وڃي, هڪ نياڻي پڙھندي ته سمورو ڪٽنب پڙھندو, هن چيو ته والدين اسڪول پڙھندڙ ٻارن تي نظر رکن اسڪول ۾ تعليم بابت حال احوال وٺن ۽ ٻارن سان دستاڻو ماحول رکن ته جيئن ٻار سان ٿيندڙ ڪو مسئلو يا زيادتي بابت کين معلومات ملي سگهي, صوبائي وزير ساجد جوکيو چيو ته معاشري ۾ وحشي درنده صفت ماڻھون گهمي رهيا آھن جيڪي ٻارن کي حوس جو نشانو بڻائن ٿا اهڙن وحشي ماڻھن کان ٻارن کي بچايو وڃي, ٻارن تي نظر رکي وڃي, هن چيو ته گڏاپ جي ڳوٺن ۾ رهندڙ ٻارن ۾ وڏو ٽيلنٽ آھي, رڳو کين تعليم جي سهولت ميسر ڪئي وڃي، سنڌ مدرسه اسلام جي سيڪريٽري شفيق الرحمان پراچه چيو ته تعليم جو زيور جنهن به انسان کي پارايو ويندو تنهن علائقي، شهر، صوبي ۽ ملڪ جي قسمت بدلائي ڇڏيندو هڪ نياڻي جيڪڏهن تعليم پرائي ٿي ته سمجهون پورو خاندان ان مان لاڀ ماڻيندو، هن چيو ته گڏاپ جي تعليمي درسگاهه ذريعي اڄ اسان جو آئيندو جنهن ۾ خاص طور تي نياڻيون پڻ شامل آهن تن جي بدولت اسان جون قسمتون بدلجندي ڏسون ٿا، صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو جي راهو گهرام اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪري اسڪول جو دورو پڻ ڪيو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version