حيدرآباد(پ ر)سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جو عوام سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ڪنهن به شڪل ۾ ڇيڙڇاڙ ڪڏهن به قبول نه ڪندو، هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته ملڪ معاشي عدم استحڪام جو شڪار آهي ته ٻي پاسي ٽيڪس چور ڪجهه واپارين کي ويهاري سنڌ جي وحدت خلاف سازش ڪئي ٿي وڃي جنهن کي سنڌ نه صرف مڪمل طور رد ڪري ٿي پر ان خلاف ڀرپور احتجاج ڪرڻ جو حق رکي ٿي. ملڪ جا واڳ ڌڻي پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ نون صوبن ۽ سنڌو مٿان ڊيم ۽ ڪئنال جوڙڻ جا تڪراري منصوبا ڇيڙي ملڪ اندر عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سنڌ صدين کان هڪ آزاد خود مختيار وطن رهي آهي جيڪا پنهنجي رضامندي سان پاڪستان جي فيڊريشن ۾ شامل ٿي آهي ان کي پنهنجي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت آهي ان خطي جي سرحدن سان ڪنهن  کي به ڇيڙڇار ڪرڻ جو حق ناهي. سنڌ جو عوام ماضي ۾ به اهڙين سازشن جو ڀرپور مقابلو ڪيو آهي هاڻي به پنهنجي مادر وطن جي حفاظت لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي. انڪري ملڪ جي مفاد ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي ته ان قسم شوشا ڇڏي ملڪ کي وڌيڪ عدم استحڪام طرف نه ڌڪيو وڃي. ايس ٽي پي سميت هر سنڌ ھر فرد پنهنجي مادر وطن جي دنگن جي لاءِ ساھ جي آخري هڏڪي تائين مزاحمت ڪندو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته عالمي سامراجي طاقتن جا ايجنٽ سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن سازشون ڪري رھيا آھن. ملڪ کي انتظامي يونٽن جي نه پر شفاف، آزاد ۽ خودمختيار معاشي ۽ سياسي پاليسين جي ضرورت آھي. ملڪ جي سڄي تاريخ ۾ آئين جي حڪمراني نه رھي آھي. ادارا آزااد ناھن. عدالتون آزاد ناھن. ھر کاتو ڪرپشن  جي دلدل ۾ ڦاٿو پيو آھي. انصاف ناھي. اسان جون معاشي پاليسيون آئي ايم ايف ۽ ٻين عالمي مالياتي ادارن جي ھدايت تي جوڙيون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو وطن آھي. سنڌ جي وحدت خلاف سازش عالمي سامراجي طاقتن جي ايجنڊا آھي، جيڪا سازش دراصل پاڪستان کي ٽوڙي ۽ تباھ ڪرڻ واري ناپاڪ سازش آھي. جنھن کي ڪنھن به ريت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ پاڪستان جي خالق آھي. سنڌ کي انتظامي يونٽن جي نالي ۾ ٽوڙڻ جون ڳالھيون ڪندڙ پاڻ ٽٽي ختم ٿي ويندا پر انھن جو اھو خواب ڪڏھن به پورو نه ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت، درياھ ۽ قدرتي وسيلن جي قيمت تي ٽيون ڀيرو اقتدار ورتو آھي. ھن وقت وڏو حملو سنڌو درياھ تي 6 ڪئنالن جي صورت ۾ ڪيو پيو وڃي. حڪمران انھي سازش کي لڪائڻ لاء ڪڏھن عمرڪوٽ واقعو پيدا ڪن ٿا ته ڪڏھن واپارين کان انتظامي يونٽن جي بدبودار سازش دھرائين ٿا. هن چيو ته ڪرپشن ملڪ جو وڏو مسئلو آھي. آئين جي حڪمراني قائم ڪرڻي هوندي.

ملير(ڊ ر)جسقم ڪراچي ڊويزن جو اجلاس جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ چيئرمين هائوس گلشن حديد ۾ ٿيو جسقم ڪراچي ڊويزن جي ضلعن تعلقن ۽ يونٽن ڀرپور شرڪت ڪئي ان موقعي تي صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي ان تي ڪنهن به قسم وار اسان برداشت نه ڪنداسين ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌين جي آهي ڪراچي جي  سنڌين جي مالڪي ۽ وارثي اسان جو قومي فرض آهي جسقم ضلعي تعلقي ۽ يونٽن جي اڳواڻن کي هدايت ٿي ڪجي ته ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي پنهنجن سنڌين جي مالڪي ۽ وارثي ڪرين ان موقعي جسقم ڪراچي ڊويزن جي صدر الاهي بخش بڪڪ چيو ته اسان شهيد سنڌ بشيرخان قريشي جي جدجهد کي اڳتي وڌائيندي ڪراچي جي سنڌين جي مالڪي۽ وارثي ڪنداسين ون ٽو ڪرڻ وارا سنڌ کي ورھائڻ وارا پاڻ ئي ورهائجي ڇڙوڇڙ ٿي ويا اسان ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورھاست برداشت ڪو نه ڪنداسين، ان موقعي ضلعي اڳواڻن انورجمالي عباس جتوئي منور ديشي مختيار سومرو يعقوب موريجو عيسيٰ ڪاتيار رضا هليو اياز ديشي نعيم کوسو عقيل کتري شرڪت ڪئي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version