حيدرآباد /شھدادپور: قومي عوامي تحريڪ  جي سربراھ اياز لطيف پليجو  قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ ڪامريڊ علي مردان کوسو جي ڳوٺ محمد کوسو پھچي سندس آخري آرام گاھ تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي سندس پٽن صدام کوسو عامر کوسو ۽ پونيئرن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته ڪامريڊ علي مردان کوسو سنڌ جو آواز ھو، سانگهڙ ضلعي کي ڪامريڊ علي مردان کوسو جھڙن انقلابي، بي لوث ۽ سچن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي ضرورت آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته ڏيڍ سئو سالن کان سنڌو درياھ جي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن کي سنڌ نظر نٿي اچي اسان کي به سڀ کان پھرين  پنھنجي خودمختياري، پنھنجا مفاد، پنھنجا ماڻھو ۽ انھن جي خوشحالي، پنھنجي معيشت عزيز ھجڻ گھرجي پر افسوس جيڪي به حڪمران اچن ٿا اھي ٻاھرين ملڪن جي ڊڪٽيشنز تي ھلي ملڪ کي غلام بڻائي ڇڏين ٿا. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو استحصال ڪيو ويو آهي. اسين برابري واري جمهوريت چاهيون ٿا، جنهن ۾ برابري وارا حق هجن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version