ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سم نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا اڪائونٽ خالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
رضويا پوليس نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٿمب حاصل ڪري انهن جي اڪائونٽن مان پئسا ڪڍرائيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس موجب نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا اڪائونٽ خالي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.
پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جو گروهه شهر جي مختلف روڊن تي بيهي شهرين کي لُٽيندو هو، جوابدار نيٽ ورڪ تبديل ڪرڻ بهاني سڃاڻپ ڪارڊ ٿنب حاصل ڪندا هئا ۽ پوءِ اڪائونٽ مان رقم ڪڍي قرض به حاصل ڪندا هئا.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان ٿنب مشين ۽ سمون برآمد ڪيون ويون آهن ۽ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
Previous Articleپاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر اڄ به مهانگو ٿي ويو
Next Article سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن لاٿ