راڻي پور
رپورٽر پير سرمد نثار اٻاوڙو ۾ ايس ڊي او واپڊا ۽ ملازمن تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف واپڊا ليبر يونين ڊويزن راڻي پور پاران مقصود احمد ملاح، غلام مصطفىٰ لاڙڪ، محبوب علي ڄامڙو، نظام کوکر، مومن شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ اٻاوڙو ۾ ايس ڊي او واپڊا وڪيل جي غير قانوني بجلي ڪٽي تہ وڪيل مڇرجي ڪري ايس ڊي او ۽ ليبر سان بدتميزي ڪري اٻاوڙي ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آء آر داخل ڪرائي ڇڏي ھنن وڌيڪ چيو تہ وڪيل جج يا پوليس وارا ڇو نہ ھجن پر اسان ڪنھن کي بہ غيرقانوني بجلي ھلائڻ نہ ڏينداسين ھنن چيو تہ واپڊا ملازمن مٿان ڪوڙي ايف آء آر ختم ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي نہ تہ ٻي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version