لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اسٽار ڪرڪيٽرن فيصلو ڪيو آهي ته هو اڳتي جوا جي اشتهارن ذريعي حاصل ٿيندڙ آمدني مان حصو نه وٺندا.

ڪيترائي پاڪستاني ڪرڪيٽر سيروگيٽ اسپانسرشپ جي مخالفت ڪري چڪا آهن، جنهن ۾ محمد رضوان نمايان رهيو آهي، جنهن هلندڙ سال ڪپتان طور ملتان سلطانز طرفان پي ايس ايل ۾ سيروگيٽ اسپانسر جي لوگو تي ٽيپ لڳائي حصو .

تازو لنڪا پريميئر ليگ ۾ بابر اعظم پنهنجي ٽيم تي پهريان ئي واضح ڪري ڇڏيو هوته هو ڪنهن به تڪراري ڪمپني جو ڪِٽ تي لوگو نه لڳائيندو، فرنچائز سندس مطالبو مڃي ورتو هو.

ذريعن موجب، بابر ۽ رضوان سميت ڪيئي اسٽار ڪرڪيٽرن فيصلو ڪري ورتو آهي ته هو اڳتي هر ليگ معاهدي ۾ اِهو شرط شامل ڪندا، گڏوگڏ اهڙي ڪنهن اسپانسرشپ جي ڪمائي مان پنهنجو معاوضو به نه وٺندا.

ذريعن موجب، ڪانٽريڪٽ جي هڪ شق ۾ واضح آهي ته ڪرڪيٽر شراب، جوا، سيروگيٽ بيٽنگ، پورڪ جي شين يا بالغن جي انٽرٽينمينٽ اسپانسرز جو لوگو ڪِٽ تي نه لڳائيندا.

ڄاڻايل ڪمپنيز کي پنهنجي ڪنهن به اشتهاري سرگرمي لاءِ رانديگرن جي تصويرون استعمال ڪرڻ جي به اجازت نه هوندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪرڪيٽرز اِها شرط پي سي بي جي آڏو به رکي آهي ۽ هو ان کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو حصو بڻائڻ چاهين ٿا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version