لاهور (ويب ڊيسڪ) ايشيا ڪپ جي چوٿين ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم افغانستان کي 89 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
لاهور ۾ بنگلاديش جي ٽيم ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 334 رنسون ٺاهيون.
بنگلاديش طرفان مهدي حسن ميراز 112 ۽ نجم الحسين شانتو 104 رنسن جي زبردست اننگز کيڏي ٽيم کي وڏي ٽوٽل تائين پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
محمد نعيم 28، مشفق الرحيم 25، شڪيب الحسن 32، شميم حسين 11 رنسون ٺاهيون.
افغانستان طرفان مجيب الرحمان ۽ گلبدين نائب هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ افغانستان جي ٽيم 44.3 اوورن ۾ 245 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ابراهيم زادران 75، ڪپتان هشمت الله شاهدي 51 رنسن سان اڳڀرا رهيا.
بنگلاديش طرفان تسڪين احمد بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 شڪار ڪيا، شريف الاسلام 3، حسن محمود ۽ مهدي حسن هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version