قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي بيٽنگ جا ديوانا هونئن سموري دنيا ۾ موجود آهن پر گذريل ڏينهن ملتان ۾ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ دوران گهوٽ ڪنوار پنهنجي شادي جي تقريب ڇڏي ساڻس ملڻ لاءِ اسٽيڊيم پهچي ويا.
قومي ڪپتان پنهنجي شاندار بيٽنگ سان مُلڪ ۽ پرڏيهه ۾ ڪاميابي جا جهنڊا کوڙي رهيو آهي، تسلسل سان ڪارڪردگي ڏيکارڻ سبب سندس مداحن جي انگ ۾ ڏينهنون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي.
ان ڏس ۾ هڪ جوڙي ملتان ۾ ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ ۾ پنهنجي پسنديدا رانديگر سان ملڻ لاءِ پنهنجي شادي اڌ ۾ ڇڏي اسٽيڊيم پهچي ويو.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ پهريل گهوٽ ۽ ڪنوار پنهنجي مٽن مائٽن سان زندگي جي ان خاص ڏينهن تي به بابر اعظم سان ملڻ جي خواهش لاءِ اسٽيڊيم ۾ پهچي ويا.
جوڙو پنهنجي پسنديدا ڪرڪيٽر سان ملڻ لاءِ اسٽيڊيم ٻاهران بي صبري سان هيڏي هوڏي واجهائيندو رهيو پر افسوس سندن خواهش پوري نه ٿي سگهي ۽ کين ناڪام واپس موٽڻو پيو.
Previous Articleايشيا ڪپ جي ٻي ميچ جو نتيجو سامهون اچي ويو
Next Article پاڪ – ڀارت دنگل کان اڳ هاردِڪ پانڊيا جو وڏو اعتراف