حيدرآباد/اسلام آباد(تجزيو:مدثر نظر سنگراسي)آئيني پئڪيج جي مرحليوار منظوري ٿيندي،بلاول ڀٽو زرداري عدالتي سڌارن لاءِ سياستدانن کي آخري وارننگ ڏئي ڇڏي،ملڪ ۾ جاري سياسي ۽ معاشي بحران جي سلسلي ۾ طاقتور حلقن حڪومت کي 25 آڪٽوبر تائين هر صورت ۾ آئيني ترميم جي منظوري جي ڊيڊلائن ڏئي ڇڏي آهي،گذريل ڀيري به آئيني ترميم منظور ٿيندي ٿيندي رهجي وئي، پر هن ڀيري اسٽيبلشمينٽ ڪو به رسڪ کڻڻ لاءِ تيار ناهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت کان وڌيڪ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ سرگرم نظر اچي رهيو آهي، حيدرآباد جلسي ۾ بلاول جو خطاب ان لحاظ کان به اهم هو ته هو سياسي اتفاق راءِ لاءِ مولانا فضل الرحمان سان آخري ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ هن وٽ ٻيو ڪو آپشن نه هوندو،پوءِ تڪراري رستو به نه چاهيندي اختيار ڪندو،آئيني ترميم ۽ سمورن صوبن جي برابري واري آئيني بئنچ لاءِ زور ڏيڻ واري بلاول جي ڳالهه مان مطلب ته اهو ڪم هر صورت ۾ ڪرڻو آهي، ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽي جنهن جي تاريخ جمهوري جدوجهد سان ڀري پئي آهي ان جي سربراهه جو جلسي ۾ جنهن ڳالهه تي زور هو ان جو مطلب ته کيس آئيني ترميم منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ جمهوري نظام ڊهندي نظر اچي رهيو آهي، بلاول سياسي اتفاق راءِ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ۽ ان لاءِ هو جتي ڪٿي سرگرم به نظر اچي رهيو آهي، ائين ئي 1977ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به سمورين سياسي جماعتن سان رابطا ڪيا هئا پر پوءِ آمر ضيا هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري هن ملڪ تي هڪ ڪاري باب ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيو هو،هن وقت به صورتحال ڪجهه اهڙي آهي آئيني ترميم منظور نه ٿي ته پوءِ ڀلي مارشل لا نه لڳي پر ايمرجنسي پلس يا ڪنهن ٻئي نالي سان اهڙو نظام آندو ويندو جنهن بعد جمهوريت جي تڏا ويڙهه ٿي ويندي،ٻئي پاسي ڪاوڙيل مولانا فضل الرحمان کي پرچائڻ لاءِ بلاول ڀٽو،حڪومت سڄي رات کيس راضي ڪندا رهيا ،طاقتور حلقن به مولانا کي پيغام ڏنو آهي ته توهان جيڪڏهن ترميمن ۾ ساٿ نه ڏنو ته پوءِ پارٽي ۾ اڪيلا ئي رهجي ويندا، توهان جي پارٽي جا ميمبر ته ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏئي ويندا،هاڻي مولانا وٽ ٻيو ڪو به رستو ناهي، هو 25 آڪٽوبر جي تاريخ به گذاري نه سگهندو جڏهن نئون چيف جسٽس اچي ويندو،جي يو آءِ ۾ فارورڊ بلاڪ قائم ڪيو ويو آهي،بلاول به کيس چئي چڪو آهي ته اسان توهان کان بغير به هلي سگهون ٿا،اهي به اطلاع آهن ته فضل الرحمان نه چاهيندي به ترميم لاءِ راضي ٿي ويو آهي، غالب امڪان آهي ته اڄ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ترميم منظور ٿي ويندي،20 تي صدر مملڪت بل تي صحيح ڪري ڇڏيندو،21 آڪٽوبر تي پارلياماني ڪميٽي بڻجي ويندي،22 يا 23 آڪٽوبر تي نئين چيف جسٽس جو نالو اچي ويندو،اهو به امڪان آهي ته چيف جسٽس جو مدو 3 سال ڪرڻ ۽ عمر جي حد 65 سال مقرر ڪرڻ سان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس طور پنهنجو ڪم جاري رکي(جيڪڏهن هو پاڻ استعيفيٰ نٿو ڏئي)يا آئيني بئنچ جو سربراهه ٿي وڃي،هن وقت ملٽري اسٽيبلشمينٽ پارليامينٽ جي مدد سان جڊيشل آمريت کي شڪست ڏئي رهي آهي،اهو به ٿي سگهي ٿو ته 8 سياسي جج استعيفيٰ ڏئي ڇڏين،عدالتي سڌارن کان پوءِ ڪو به جج سياسي عدم استحڪام لاءِ پنهنجو ڪلهو استعمال ڪرڻ کان اڳ هزار ڀيرا سوچيندو،افتخار چوڌري،ثاقب نثار،آصف سعيد کوسي جهڙن ججن جي ليگيسي ماضي جو قصو بڻجي ويندي.
اڄ آئيني ترميم جي منظوري يقيني، بلاول جي آخري وارننگ، مولانا به راضي؟
Previous Articleسون جو اگهه ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو
Next Article ڪراچي ۾ گرمي جي لهر برقرار رهندي: موسميات کاتو