لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ ۾ شامل ٽيمن جي شرٽس تي ميزبان مُلڪ پاڪستان نه لکڻ جو سبب سامهون اچي وي ويو آهي.

ذريعن موجب، ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل گذريل ايشيا ڪپ دوران ميزبان مُلڪ جو نالو نه لکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اي سي سي ۾ گڏيل طور تي اِهو فيصلو ڪيو ويو هو،جڏهن ته اسان سان گڏوگڏ ايونٽ جي ميزبان مُلڪ سان گڏ سال به نه لکڻ جو فيصلو ٿيو هو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته شرٽس تي سريلنڪا 2022ع ۽ يو اي ايِ 2022ع لکڻ جي ڪري فيصلو ڪيو ويو، شرٽس تي مختلف لوگوز سان موجود هيون ۽ هڪ شرٽ تي رڳو سال لکيو ويو هو.

ذريعن موجب، اي سي سي جو مقصد شرٽس ۾ تسلسل آڻڻ هو ته جيئن لوگو ۾ هڪجهڙائي هجي ۽ وڌيڪ ماڻهن تائين پهچي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل سال شرٽس پرنٽ ٿيڻ سبب ميزبان مُلڪ جا نالا نظر آيا ۽ گذريل سال جي فيصلي جي روشني ۾ رڳو ايشيا ڪپ جي لوگو جو استعمال ٿي رهيو آهي، اهڙي فيصلي کانپوءِ سال ۽ ميزبان مُلڪ جو نالو شرٽ جي لوگو ۾ شامل ناهي.

ياد رهي ته ايشيا ڪپ دوران پاڪستان جو نالو ميزبان جي حيثيت سان شرٽ تي نه هجڻ سبب سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي ويو آهي ۽ پاڪستاني مداح اهڙي عمل تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version