ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي جي اهم ميچ ۾پاڪستان محمد رضوان ۽ افتخار احمد جي ذميوراڻي بيٽنگ جي مدد سان سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 253 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ برسات سبب في اننگز 42 اوورز تائين محدود ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽  مقرر اوورن ۾ ست وڪيٽن جي نقصان تي 252 رنسون ٺاهيون.

پاڪستان ٽيم جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 86 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ عبدالله شفيق 52 ۽ افتخار احمد 47 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.

بابر اعظم 29، محمد نواز 12، فخر زمان 4 ۽ محمد حارث 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

سريلنڪا طرفان مٿيشا پٿيرانا 3، پرمود مڌوشان 2، ويلالاگي ۽ ٿيڪشنا هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا خلاف اهم ميچ لاءِ پنهنجي ٽيم جو گذريل ڏينهن اعلان ڪيو هو جنهن ۾ پنج تبديليون ڪيون ويون هيون.

محمد حارث، سعود شڪيل، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر  ۽ زمان خان کي سريلنڪا خلاف ميچ لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته فخر زمان، سلمان علي آغا، فهيم اشرف، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف ٽيم ۾ شامل نه هئا.

پر ٽاس جي موقعي تي ڪپتان بابر اعظم چيو ته سعود شڪيل ۽ امام الحق پليئنگ اليون جو حصو ناهي سندس جاءِ تي فخر زمان ۽ عبدالله شفيق کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

سعود شڪيل کي بخار ۽ امام الحق چيلهه ۾ تڪليف سبب اڄوڪي ميچ ناهن کيڏي رهيا.

سريلنڪا خلاف ميچ لاءِ ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، نائب ڪپتان شاداب خان، شاهين آفريدي، عبدالله شفيق، محمد رضوان، افتخار احمد، محمد حارث، فخر زمان، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر ۽ زمان خان شامل آهن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version