ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪراچي ڪورنگي ۾ ڪارروائي ڪندي انساني سمگلنگ ۾ ملوث 8 سالن کان اشتهاري جوابدار گرفتار ڪري ورتو.
ايف آءِ اي موجب جوابدار غلام محمد انساني سمگلنگ جي ڏوهه ۾ ملوث آهي، جوابدار ڳري رقم عيوض پنهنجي پاسپورٽ تي مسافر کي ٻاهرئين ملڪ موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ايف آءِ اي ترجمان چيو ته مسافر کي اميگريشن دوران گرفتار ڪيو ويو هو، گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي غلام محمد خلاف 2017 ۾ ڪيس داخل ٿيو هو.
ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدار گذريل 8 سالن کان روپوش هو، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪيترائي ڀيرا ڇاپا هنيا ويا، جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version