ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ناليواري اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ چيو آهي ته اسلام ۾ مذهب جي جبري تبديلي حرام آهي، ڌمڪي يا هٿيار ڏيکاري مذهب تبديل ڪرائڻ حرام آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جبري مذهب تبديلي بابت ايم ڪيو ايم جي سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر مهيش ڪمار جي سوال جو جواب ڏئي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ گورنر هائوس ڪراچي ۾ ليڪچر ڏنو جنهن دوران ايم پي اي مهيش ڪمار جي سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسلام ۾ مذهب جي جبري تبديلي حرام آهي، ڌمڪي يا هٿيار ڏيکاري مذهب تبديل ڪرائڻ حرام آهي.
ڊاڪٽر ذاڪر جو چوڻ هو ته ڪو به محبت يا چاهت ۾ اسلام قبول ڪري ٿو ته اِهو افضل ناهي پر اسلام ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، اسان ڪنهن جي نيت بابت نٿا ڄاڻي سگهون ڪهڙي خبر هو اڳتي هلي عام مسلمان کان وڌيڪ هڪ سٺو مسلمان بڻجي وڃي.
ياد رهي ته ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ حڪومت جي دعوت تي پاڪستان آيو آهي هو ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد ۾ مختلف ميڙاڪن کي خطاب ڪندو ۽ ملڪ جي اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version