ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نالو وٺڻ کانسواءِ پنجاب حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عجيب قسم جي اعلانن سبب اسان پريشاني ۾ اچي ويندا آهيون، اهڙن بيوقوفي وارن اعلانن تي ڪهڙو جواب ڏيون؟
ڪراچي ۾ هڪ تقريب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته خبر ناهي ته ماڻهو ٽي وي تي اچڻ لاءِ وقت ڪيئن ٿو ملي، اسان اعلانن بدران ڪارڪردگي تي يقين رکون ٿا.
مراد علي شاهه چيو ته شڪر آهي وفاقي حڪومت ڪراچي جي ٽنهي اسپتالن کي ڏسڻ ڇڏي ڏنو آهي، بجيٽ اسان ڏئي رهيا آهيون، ڪنٽرول وفاق جو نه ٿو ٿي سگهي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز سان گڏ اعلان ڪيو هو ته پنجاب حڪومت هڪ کان پنج سئو يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين لاءِ في يونٽ 14 رپيا سستي ڪئي وئي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version