ڪولمبو ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار ڪولمبو ۾ پاڪ-ڀارت مقابلي دوران جاري برسات تي دلچسپ ٽوئيٽ ڪئي آهي.

ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ۾ ميچ برسات سبب روڪي وئي آهي،

ڪولمبو ۾ ريزرو ڊي ۾ برسات بيهڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ ٻيهر شروع ٿي.

گذريل ڏينهن برسات سبب رڳو 24 ڏهائي هڪ اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي هئي، جنهن ۾ ڀارت ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 147 رنسون ٺاهيون هيون.

ڀارتي بيٽر ڪي ايل راهول ۽ ويرات ڪوهلي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏيون  جنهن سبب ڀارت مقرر پنجاهه اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 356 رنسون ٺاهيون.

ويرات ڪوهلي 122 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي جڏهن ته ڪي ايل راهول به 111 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.

ويرات ڪوهلي ۽ ڪي ايل راهول وچ ۾ ٽين وڪيٽ تي 233 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي.

پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ۽ شاداب خان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

ايشيا ڪپ جي سُپر فور مرحلي ۾ ڀارت پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 357 رنسن جو هدف ڏنو آهي جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ٽيم يارنهن اوورن ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 44 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جڏهن هن وقت ميچ برسات سبب روڪي وئي آهي.

برسات شروع ٿيندي ئي پاڪستان جي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي لکيو ته ” برسو ري ميگها، ميگها“ .

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version