Author: admin
آمريڪي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان دهشتگردن سان غير مشروط ڳالهيون ڪيون هن چيو ته پنهنجي سرزمين دهشتگردن جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين سندس چوڻ هو ته دهشتگردي جي ناسور کي پاڙان پٽي ڇڏينداسين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جي پاليسي تي نئين سياسي ۽ عسڪري قيادت لاءِ فل اسٽاپ لڳائي ڇڏيو هن چيو ته عمران خان حڪومت جي پاليسي دهشتگردن کي خوش ڪرڻ لاءِ هئي
آمريڪي صدر جو بائيڊن يوڪرين جي گادي واري شهر ڪيف جي اڻ اعلانيل دوري تي پهچي ويو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ آمريڪي صدر جو اِهو پهريون دورو آهي. آمريڪي صدر جي دوري جي موقعي تي ڪيف ۾ هوائي بمباري جا سائرن به وڳا پر خابرو اداري موجب ڪيف ۾ روسي ميزائل يا بمباري جا اطلاع ناهن مليا آمريڪي صدر اِهو دورو اهڙي وقت ۾ ڪيو آهي ته جڏهن يوڪرين تي روس جي حملي جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ وارو آهي وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب بائيڊن يوڪريني صدارتي محل ۾ صدر…
واشنگٽن( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي بيهڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اِهو ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اهڙي قسم جا واقعا بار بار ڇو ٿي رهيا آهن پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي آمريڪي پرڏيهي وزارت جي خاص صلاحڪار ۽ قونصلر ڊيرڪ شيلٽ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي نئين لهر منهن ڏئي رهيو آهي جنهن تي آمريڪا، پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي هن چيو ته اسان سمجهڻ ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته پاڪستان دهشتگردي جي نئين لهر…
واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پنهنجي چيني هم منصب کي خبردار ڪيو آهي ته يوڪرين جي جنگ ۾ روس جي مدد ڪرڻ تي نتيجا ڀوڳڻا پوندا پرڏيهي خابرو اداري موجب، ميونخ ۾ جاري عالمي سلامتي ڪانفرنس جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير جي چيني هم منصب وانگ زي وچ ۾ هڪ ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي سينيئر آمريڪي عهديدار جو چوڻ آهي ته ملاقات دوران آمريڪي پرڏيهي وزير جارحاڻي انداز ۾ چيني هم منصب کي يوڪرين جنگ ۾ روس کي مٽيريل سپورٽ فراهم ڪرڻ جي نتيجن کان آگاهه ڪيو ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني…
ميٽا ٽيلي گرام چئنلز جهڙو فيچر انسٽاگرام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي. ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ انسٽاگرام لاءِ براڊ ڪاسٽ چئنلز متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي، هن اِهو اعلان انسٽاگرام تي هڪ نئين براڊ ڪاسٽ چئنل تي ڪيو ان فارميٽ ذريعي واهپيدار پنهنجن فالوورز سان پيغامن ۽ اَپ ڊيٽ هڪ ئي جڳهه تي شيئر ڪري سگهندا، پر فالوورز انهن چئنلز تي ڪجهه پوسٽ نه ڪري سگهندا، جڏهن ته پوسٽن تي ايموجي ذريعي ري ايڪشن ظاهر ڪري سگهندا يا پاولزپرووٽ ڪاسٽ ڪري سگهندا رپورٽس موجب چئنل جو نالو ميٽا چئنل رکيو ويو آهي، هن وقت اِهو ميچر محدود…
ٽوئيٽر کانپوءِ فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جا واهپيدار به ويري فائيڊ ( يعني بليو ٽِڪ ) واري اڪائونٽ جي فيس ادا ڪندا ميٽا جي سي ايِ او مارڪ زڪربرگ اعلان ڪيو آهي ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي واهيپدارن کي بليو ٽِڪ جي فيس ادا ڪرڻي پوندي ويب تي استعمال ڪرڻ وارن فيسبڪ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن لاءِ اڪائونٽ ويري فائيڊ ڪرائڻ لاءِ سبسڪرپشن سروس ماهوار يارنهن ڏهائي نانوي ڊالر کان شروع ٿيندي جڏهن ته آءِ فون واهپيدار 14.99 ڊالر فيس ادا ڪندا ميٽا موجب سروس شروعاتي طور تي هن هفتي نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا ۾ شروع ڪئي ويندي جڏهن ته ان سروس جي…
واشنگٽن: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ پراڻي آئي فون نه رڳو پنهنجي مالڪياڻي کي ڪروڙ پتي بڻائي ڇڏيو پر وڪري جو نئون رڪارڊ به قائم ڪري ڇڏيو آئي فون جي پهرئين ايڊيشن جي مالڪياڻي ان وقت ڪروڙ پتي بڻجي وئي جڏهن هن وٽ موجود آئي فون جي پهرين ايڊيشن جو سيل پيڪ ماڊل 63 هزار 356 آمريڪي ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو، جيڪي پاڪستاني هڪ ڪروڙ 64 لک رپيا ٿين ٿا ميڊيا موجب آمريڪا ۾ 16 سال پراڻو سيل پيڪ آءِ فون رڪارڊ قيمت ۾ نيلام ڪيو ويو آهي فون 2 فيبروري تي نيلامي لاءِ رکيو ويو جنهن جي شروعات 2,500 ڊالر…
ٽوئيٽر اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ سبسڪرپشن سروس ٽوئيٽر بليو استعمال ڪرڻ وارن واهپيدار ئي ٽيڪسٽ ميسجز ( ايس ايم ايس ) کي ٽو فيڪٽر authentication ( 2 ايف اي ) لاءِ استعمال ڪري سگهندا. ڪمپني طرفان هڪ ٽوئيٽ ذريعي آگاهه ڪيو ويو آهي ته ويهه مارچ کانپوءِ ٽوئيٽر بليو وارن واهيپدارن لاءِ ئي اِها سهولت موجود هوندي 2 ايف اي بنيادي طور اڪائونٽس کي محفوط بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ وارو فيچر آهي ٽوئيٽر جا عام واهپيدار 20 مارچ کانپوءِ ٽو ايف اي کي ايس ايم ايس ذريعي استعمال نه ڪري سگهندا ۽ جن اڪائونٽن۾ ٽيڪسٽ ميسج…
شاهه رخ خان جي نئين فلم پٺاڻ هنيئر تائين 970 ڪروڙ رُپين جو ڪاروبار ڪري چڪي آهي ۽ هر پاسي فلم جا چرچا آهن ان فلم جي ڪاميابيءَ سان گڏوگڏ فلم ۾ شاهه رخ خان ۽ سلمان جا ٻه دلچسپ منظرن تي به تبصرا ٿي رهيا آهن ۽ فلم ۾ سلمان خان جي انٽري تي پرستارن جي ردعمل کي ڏسندي هڪ ڀيرو وري اِهي ڳالهيون زور وٺي رهيون آهن ته هنن ٻن وڏن سُپر اسٽارز کي گڏ وڏي پردي تي آڻڻ ڌماڪيدار فيصلو هوندو ان خيال کي ڌيان ۾ رکندي ۽ فلم پٺاڻ جي ڪاميابي کانپوءِ ان فلم جو پروڊيوسر…
ڏکڻ ايشيا سميت سڄي دنيا ۾ صوفياڻي راڳ ذريعي شهرت ماڻيندڙ راڳ جي راڻي عابده پروين جو اڄ 69هون جنم ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ هڪ راڳي گھراڻي ۾ ٿو، راڳ جي راڻي، ام ڪلثوم ۽ مارئي جا لقب ماڻيندڙ عابده پروين 20 فيبروري 1954ع تي ماسٽر غلام حيدر جي گهر جنم ورتو، سندس ڪيريئر جي حوالي سان ڏسو هي پيڪيج