Author: admin

پيٽروليم اسمن جون هاڻوڪيون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار موجب، پيٽروليم اسمن جون هاڻوڪيون قيمتون 31 آڪٽوبر تائين برقرار رهنديون، اوگرا سمري ۾ پيٽرول جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي جي سفارش ڪئي هُئي، سمري ۾ ڊيزل، گاسليٽ ۽ لائٽ ڊيزل آئل جون قيمتون وڌائڻ جو ذڪر هو، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته هُن اوگرا جي سمري تي وزير اعظم سان به ڳالهه ڪئي آهي، وزير اعظم جي اجازت ۽ مشوري کانپوءِ قيمتن ۾ ڪابه تبديلي نه پئي ڪئي وڃي

Read More

پاڪستان ايشيائي ترقياتي بينڪ سان قرض جي فراهميءَ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ورتيون، وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته معاهدي سان معيشت جي استحڪام ۾ مدد ملندي ۽ مستقبل جي ضرورتن لاءِ مددگار ثابت ٿيندو

Read More

ورلڊ بينڪ طرفان ٻوڏ متاثرن لاءِ 500 ملين ڊالرز قرض ڏيڻ جو اعلان، ڪراچي ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ورلڊ بينڪ جي 31 رڪني وفد جي ملاقات، وفد ۾ ورلڊ بينڪ جي مختلف سيڪٽر جا سربراهه شامل، وڏي وزير جو چوڻ آهي ته چاهيان ٿو ته جلد کان جلد گهرن جي اڏاوت شروع ڪئي وڃي

Read More

پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي اها ئي ڪمٽمينٽ آهي جيڪا ماضي جون حڪومتون ڪري چڪيون آهن صحافي شاهدخاقان عباسي کان سوال ڪيو ته اسحاق ڊار آءِ ايم ايف سان ڪيئن ڊيلنگ ڪئي، جنهن تي شاهدخاقان عباسي جواب ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار ائين ڊيلنگ ڪئي آهي جيئن اوهان جي صحافت آهي ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجا معاهدا عوام آڏو نه رکندي هئي ۽ نه وري پورا ڪندي هئي، موجوده حڪومت پي ٽي آءِ جي آءِ ايم ايف سان ٽوڙيل معاهدن جي قيمت ادا ڪري رهي آهي هن چيو ته چونڊون پنهنجي مقرر…

Read More

دادو جي عدالت ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي گرفتار ڪيو ويو عدالت گذريل ڏينهن ٻڌڻي هلائيندي فيصلو محفوظ ڪيو هو دادو جي عدالت پاران ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي پوليس ڪريم بخش چانڊيو کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، عدالت پاران پوليس گهرائي ميهڙ جي اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو کي گرفتار ڪرايو ويو ڪيس جي ٻڌڻي جي موقعي تي ام رباب به عدالت ۾ پيش ٿي ان موقعي تي ڳالهائيندي ام رباب…

Read More

چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ 9 رڪني بينچ قائم ڪئي وئي آهي، لارجر بينچ سڀاڻي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس سيد منصور عيل شاهه بينچ ۾ شامل آهن جسٽس يحييٰ آفريدي، جسٽس اطهر من الله ۽ جسٽس منيب اختر بينچ جو حصو آهن جڏهن ته جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس جمال خان مندوخيل به لارجر بينچ ۾ شامل آهن جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس سيد مظاهر علي اڪبر نقوي به بينچ جو حصو آهن

Read More

 بل پيش ڪرڻ تان سينيٽ ۾ اپوزيشن طرفان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن سينيٽ چيئرمين جي ڊائس جو گهيراءُ به ڪيو، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي ناقص پاليسين سبب ملڪ کي نقصان پهتو ۽ رڪارڊ قرض کنيا قومي اسيمبلي جو اجلاس مقرر وقت کان هڪ ڪلاڪ دير سان اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ضمني مالياتي بل 2023ع ايوان ۾ پيش ڪيو ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار عوام کي سادگي اختيار ڪرڻ…

Read More

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته  آءِ ايم ايف سان معاهدي تحت 170 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻا پوندا، جنهن لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري اسحاق ڊار چيو ته موجودا حڪومت عمران خان جي پروگرام تي عملدرآمد ڪري رهي آهي، ايم ايف پئڪيج ۾ 170 ارب جا ٽيڪس لڳائڻا پوندا، نوان ٽيڪس لڳائڻ لاءِ مني بجيٽ آڻڻي پوندي، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جائزي کانپوءِ 1.2 ارب ڊالر ملڻ جي اميد آهي ناڻي واري…

Read More

اسلام آباد ۾ موجوده آئين جي گولڊن جوبلي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي سدائين غير آئيني قدمن جي خلاف رهي آهي ۽ اڳتي به رهندي، ضياءَ ۽ مشرف جو دور هڪ امتحان هو، اڄ جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون، اهو به امتحان آهي، جيڪڏهن ان امتحان ۾ پاس ٿيون ٿا ته اسان جي ڪاميابي آهي، جيڪڏهن ناڪام ٿيون ٿا ته ملڪ کي نقصان ٿيندو پرڏيهي وزير ان موقعي تي عمران خان تي پڻ تنقيد تير وسايا ۽ چيو ته عمران خان جي دور ۾ جيڪو نقصان…

Read More