Author: admin
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 900 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 81 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 772 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 41 هزار 598 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 9 ڊالر واڌ سان 2 هزار 721 ڊالر في اونس آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻارن ۾ نمونيا جو مرض وڌڻ لڳو. ٻارن جي مرضن بابت اداري جي ايمرجنسي انچارج موجب روز نموناي جا 30 ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سول اسپتال ۾ روز 10 کان 15 ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. هوڏانهن پاڪستان پيڊرياٽرڪس ايسوسيئيشن جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد شفيع چيو ته آڪٽوبر، نومبر ۽ ڊسمبر ۾ نمونيا جا ڪيس وڌي ويندا آهن، نمونيا جي ڪجهه قسمن جي ويڪسينيشن موجود آهي. هن ٻڌايو ته نمونيا جي علامتن ۾ کنگهه سان سائو، پيلو يا ڳاڙهو بلغم نڪرڻ، بخار، پگهر اچڻ، ٿڌ لڳڻ، ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي، ڊگهو…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي ايئرلائن جي جده کان ڪراچي ايندڙ اڏام وڏي حادثي کان بچي وئي. سي اي اي ذريعن موجب لينڊنگ دوران اڏام ڪي اي 171 جي جهاز سان پکي ٽڪرائجي ويو، پکي جهاز جي ونڊ اسڪرين سان ماڊل ڪالوني ۾ لينڊنگ دوران ٽڪرايو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پکي ٽڪرائجڻ باوجود جهاز مڪمل طور محفوظ رهيو ۽ ڪپتان جهاز کي حفاظت سان ڪراچي ايئرپورٽ رن تي لاٿو، جهاز ۾ 150 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.
حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته بلاول ڀٽو چاهي ٿو ته آئيني ترميمن جي معاملي تي ڪا جماعت ناراض نه ٿئي. حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو جي سوچ آهي ته سڀني کي گڏائي فيصلا ڪيون، اسان ته چئون ٿا پي ٽي آءِ به ترميمن ۾ حصو وٺي، هي ملڪ هڪ گلدستو آهي، 18هين ترميم زرداري صاحب جو عظيم ڪارنامو آهي. هن چيو ته پ پ چئي چڪي آهي ته اسان جي پسند ناپسند جي ڳالهه ناهي، پي ٽي آءِ باني جيل مان بيان ڏنو، هو جڊيشري کي تڪراري…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان چيو آهي ته 11 آڪٽوبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ ملڪي ناڻي مٽاٽا جي ذخيرن ۾ 6.43 ڪروڙ ڊالرن جي واڌ ٿي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب واڌ کانپوءِ 11 آڪٽوبر تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا ذخيرا 16.11 ارب ڊالر رهيا. جاري ڪيل انگن اکرن موجب اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 21.47 ڪروڙ ڊالر وڌي 11.02 ارب ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا 15.04 ڪروڙ ڊالر گهٽجي 5.08 ارب ڊالر رهيا.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچي واسين لاءِ بُري خبر، موسميات کاتي سڀاڻي کان شهر ۾ گرميءَ جي شدت ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي موجب، سنڌ جي راڄڌاني ۾ سڀاڻي کان هڪ ڀيرو ٻيهر موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ اهي ته سڀاڻي کان شهر ۾ گرمي پد 38 کان 40 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڌڻ جو امڪان آهي ۽ اوتر اولهه کان گرم ۽ خشڪ هوائون گُهلنديون رهنديون. موسميات کاتي موجب، سنڌ ۾ مختلف جاين تي موسم گرم ۽ خشڪ رهندي جڏهن ته 20 ۽ 21 آڪٽوبر ٿرپارڪر، عمر…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل غير معمولي واڌ ٿي رهي آهي ۽ سون ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار رپين جي وڏي واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 80 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 2 هزار 572 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 40 هزار 826 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 30 ڊالر واڌ کانپوءِ 2712 ڊالر في اونس آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست تي وفاقي حڪومت سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لکت جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. وفاقي حڪومت پنهنجي جواب ۾ چيو آهي ته اسحاق ڊار کي اهو اعزازي عهدو ڏنو ويو آهي، هو ڊپٽي وزيراعظم جا اختيار استعمال ناهي ڪندو. ٻڌڻي دوران چيف جستس سوال ڪيو ته ان ئي نوعيت جو جيڪو اڳ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ان تي عدالتن جا ڪهڙا فيصلا هئا؟ 2012 ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز الاهي جي ڊپٽي وزيراعظم طور مقرري خلاف ڪهڙو فيصلو ڏنو هو؟ عدالت لاڳاپيل اختيارين کي ان ڪيس…
ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) ڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو خبردار ڪندي چيو آھي ته سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي جي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن تي خاموش نٿا ويھي سگھون، پاڻي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، سنڌ جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻي لاءِ ترسي رھيا آھن ته ٻئي پاسي ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ چولستان ڪينال ٺاھڻ جي ڳالهھ ڪئي پئي وڃي جيڪا سڌي سنئين دھشتگردي آھي. پريس ڪلب ٺٽو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاليسي ٺاھيندڙ ۽ فيصلا ڪندڙن کان پڇڻ چاھيون ٿا ته ڇا اوھان کي ڳالھ سمجهھ ۾ نٿي اچي يا…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو ته شهر ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن ۽ ايندڙ ٻه کان ٽي ڏينهن گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته هوا ۾ گهڻي گهم سبب گرمي پد جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي ويندي، ٻه کان ٽي ڏينهن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر گرم ۽ خشڪ هوائون گهلي سگهن ٿيون. سندس چوڻ هو ته نومبر جي وچ کان صبح ۽ رات جو ٿڌ جي شروعات ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته هلندڙ سال…