Author: admin

ڪراچي(م ڊ) سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا خطرناڪ حد تائين وڌي ويا آهن، جنهن ۾ هن وقت تائين 12 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته 2 لک 26 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، سول اسپتال جي ڊاگ بائيٽ ڪلينڪ جي انچارج ڊاڪٽر رومانا فرحت موجب ڪتن جي ڏاڙهڻ جا روزانو 120 ڪيس سامهون اچن ٿا، جن ۾ ٻار ۽ وڏا شامل آهن، انگن اکرن موجب نوري ۾ 27 هزار 333، فيبروري ۾ 27 هزار 473 ۽ مارچ ۾ 29 هزار 426 ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا، اپريل ۾ 25 هزار 514،…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اوچتو وڏي گهٽتائي ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 2300 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جو اگهه 2 لک 83 هزار 100 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1971 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 713 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 23 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2734 ڊالر في اونس آهي.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڙيسري جي ڪڪڙين جي گوڙ کان تنگ عورت عدالت پهچي وئي. ڪلفٽن واسڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي چيو ته پاڙسري بنا لائسنس جي گهر ۾ ڪڪڙيون پاليون آهن، ڪڪڙين جي گوڙ سان تنگ ٿيندا آهيون. عدالت پڇيو ته ڪڪڙيون دڪانن تي کپايون وينديون آهن ۽ گهر ۾ پاليل آهن، ڇا توهان جو ڪو بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهي. عورت چيو اها بنيادي شهري حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي قانون ۾ به موجود آهي. سي بي سي وڪيل ٻڌايو ته ڪير ڪڪڙيون رکي يا نه رکي اهڙو ڪو قانون ناهي.…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي رعنا انصار جو پٽ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو. پوليس موجب، ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن انڊرپاس ويجهو روڊ حادثو پيش آيو، حادثي ۾ ڪار سوار شاهزيب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. پوليس موجب، حادثي وقت گاڏي شاهزيب هلائي رهيو هو، گاڏي فٽ پاٿ سان ٽڪرائي جنهن سبب حادثو پيش آيو، حادثي ۾ شاهزيب جو دوست محمد الياس زخمي ٿيو. پوليس جو چوڻ آهي ته شاهزيب جي گهرڀاتين قانوني ڪارروائي کان منع ڪيو، ظابطي جي ڪارروائي کانپوءِ شاهزيب جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. محنت کاتي جو ترجمان موجب، گهٽ ۾ گهٽ اجرت پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو هوندي، وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ واڌارو ڪيو ويو . ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبي جي صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ 37 هزار ماهوار پگهار هوندي ۽ عورت ورڪرز کي به مرد ورڪرز جي جيتري پگهار ڏني ويندي. ترجمان موجب، ڪنهن به اداري ۾ اڳواٽ وڌيڪ پگهار ڏني پئي وڃي ته اِها گهٽائي نه ويندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته نوٽيفڪيشن تحت سمورا ادارا حڪومتي فيصلي…

Read More

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) نار بنگال ۾ سامونڊي طوفان جي هڪ ٻي سرگرمي نوٽ ڪئي وئي آهي. چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفرز موجب، نار بنگال ۾ سامونڊي طوفان ٺهي رهيو آهي. هن چيو ته سامونڊي طوفان چويهين آڪٽوبر جي رات ۽ پنجويهين آڪٽبر جي صبح هڪ سئو يا هڪ سئو ڏهه ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اوتر اڙيسا ۽ اولهه بنگال جي سامونڊي پٽي سان ٽڪرائيندو. هن وڌيڪ چيو ته ان سسٽم سبب پاڪستان جي سامونڊي پٽي تي ڪو به اثر نه پوندو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ معمولي لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، ڪاروبار جي پڄاڻي تي هڪ آمريڪي ڊالر جي قيمت 277 رپيا 73 پئسا آهي. انٽربئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277.74 رپين تي بند ٿيو هو، اهڙي ريت ڊالر هڪ پسئو سستو ٿي ويو آهي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت پنج پئسا لاٿ بعد 278 رپيا 67 پئسا آهي.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور کان ڪراچي ايندڙ اڏام وڏي حادثي کان بچي وئي، جهاز ۾ 180 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا. لاهور کان ڪراچي ايندڙ نجي اڏام پي اي 142 جي ٽيڪ آف جي ڪجهه دير کانپوءِ پکي جهاز سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سان خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي. ايئرپورٽ ذريعن ٻڌايو ته ڪپتان ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪري جهاز جي لاهور ايئرپورٽ تي ٽيڪنيڪل لينڊنگ جي اجازت گهري. پوءِ ڪپتان جهاز کي حفاظت سان واپس لاهور ايئرپورٽ تي لاٿو، جهاز ۾ 180 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، جن کي لانچ منتقل ڪيو ويو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو رکي ڇڏيو. بختاور ۽ سندس مڙس انسٽاگرام تي گڏيل پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته اسان ننڍڙي پٽ جو نالو رکي ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ ٻڌايو ته مان پنهنجي ننڍي شهزادي جو نالو پنهنجي ناني سان منسوب ڪندي ”مير ذوالفقار محمود چوڌري“ رکيو آهي. ان سان گڏوگڏ جوڙي پنهنجي پٽ جي حق ۾ دعا ڪندي لکيو ته ان پاڪ پروردگار جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي، اهو نالو ان جي حق ۾ بهتري،…

Read More

اسلام آباد(منيب فاروق)” مارڌاڙ “واري ترميم ۾ سينيٽ ۾ 65 ووٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ 225 ووٽ پيا،مولانا فضل الرحمان ساٿ نه ڏئي ها ته رياستي طور تي پلان بي به موجود هو، ڦڙتي سان منظور ڪيل ترميم پاليسي شفٽ آهي،حڪومت ۽ ايجنسين وٽ ثبوت هئا ته نئون چيف جسٽس اچي ها ته گهڻو ڪجهه ٿيندو ۽ ڪجهه ججن جا پي ٽي آءِ سان رابطا هئا، ان سان گڏوگڏ سياسي ججن پاران اسٽيبلشمينٽ سان به رابطا ڪري خاطريون ڪرايون ويون ته حڪومت کي گهر ڀيڙو نه ڪيو ويندو، اليڪشن جي آڊٽ نه ٿيندي،  اها ترميم اڃا شروعات آهي، پارٽي اڃا…

Read More