Author: admin

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي جو رجحان جاري آهي ۽ 100 انڊيڪس روز جي بنياد تي نئين سطح پار ڪري رهيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن شروعات سان ئي هاڪاري رجحان ڏٺو ويو ۽ 100 انڊيڪس 477 پوائنٽون واڌ سان 90 هزار 822 تي پهچي ويو. ڪاروبار دوران مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تيزي ڏٺي وئي ۽ انڊيڪس 712 پوائنٽون واڌ سان 90 هزار 907 تي وڃي پهتو. ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1045 پوائنٽن جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 91 هزار 240 تي پهچي ويو، جڏهن ته…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊفينس خيابان سحر جي ريسٽورينٽ ۾ ٻن ڪٽنبن ۾ ڪرسي جي معاملي تان جهيڙو ٿي پيو. واقعي کانپوءِ هڪ ڌر طرفان ٻي ڌر خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، شاهد لاشاري بلوچ جي فرياد تي درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڪيس ۾ چيو ويو ته هو بينڪ ۾ ڪم ڪري ٿو، ٽيبل تان ڪرسي کڻڻ تان ٻي ڌر جي عورتن سالي کي ڌڪا ڏنا ۽ گاريون ڏنيون ۽ ڪٽڪو ڏنو. پوليس معاملو ڳالهين ذريعي حل ڪرائي ڇڏيو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تاريخ جي بلند سطح تي پهچي وئي. ڪاروبار جي شروعات تي هنڊريڊ انڊيڪس 1061 پوائنٽس جي واڌ سان 91054 تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو. ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس 351 پوائنٽس واڌ سان 90345 جي سطح تي بند ٿيو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي جي شهرين لاءِ 100 اربن کان وڌيڪ جو هڪ وڏو ۽ اهم منصوبو يلو لائن شروع ڪيو ويو آهي. صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته يلو لائن 21 ڪلو ميٽر جو ڊگهو روٽ آهي، بسون پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت هلايون وينديون، ڪوشش ڪنداسين ته بسن کي اي وي ۾ ڪنورٽ ڪيون، ان حوالي سان ورلڊ بينڪ سان ڳالهائينداسين. هن چيو ته وڌيڪ اي وي بسون آڻي رهيا آهيون، اسان جي ڪوشش آهي ته بهتر کان بهتر ٽرانسپورٽ سهولتون فراهم ڪيون، پ پ هر سيڪٽر ۾ ڪم ڪري…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه چيو اهي ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي. ڪراچي ۾ هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي هن چو ته 26هين آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي نظر نٿي اچي، ڪا هجي ته ٻڌايو. هن چو ته جيڪڏهن ڪا 27هن ترميم اچي رهي آهي ته ان جي خدوخال بابت خبر ناهي. نگران حڪومت نه هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته آئين مان نگران حڪومت جي شق ڪڍڻي پوندي، سڄي دنيا ۾ هاڻي نگران حڪومتن جو تصور ختم ٿي ويو آهي، اسان کي ادارن کي مضبوط ڪرڻ گهرجي.

Read More

ميرپور خاص ( ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽر شاهنواز جي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري معاملي تي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. آءِ جي سنڌ جي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ انڪشاف ٿيو آهي ته عمرڪوٽ پوليس طرفان ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪراچيءَ جي علائقي لياري مان جيئرو گرفتار ڪري محفوظ ھنڌ تي رکڻ لاءِ ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو ويو. رپورٽ موجب، سي سي ٽي وي مان واضح ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي ايس ايس پي ميرپورخاص جي گاڏي ۾ نيو ويو، ڊاڪٽر شاهنواز جي حوالگي ميرپور خاص ۾ جمڙائو چيڪ پوسٽ تي ڪئي وئي…

Read More

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد تعليمي بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي ٻاهرين ڪلاس جي امتحان جا نتيجا پڌرا نه ڪرڻ جو سختي سان نوٽيس وٺندي ذميوارين خلاف ڪارروائي ڪندي نتيجا آٽوميشن سسٽم تحت جلد جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون. ٻڌايو پيو وڃي ته تعليمي بورڊ جي چيئرمين احمد علي بروهي پاران ٻارهين ڪلاس جا نتيجا آٽوميشن سسٽم تحت جاري ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون، جنهن لاءِ بورڊ جي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مئنيجر اعجاز احمد خان کي پابند بڻايو ويو هو ته هو وقت سر آٽوميشن سسٽم ذريعي نتيجا جاري ڪري پر بورڊ جي لاڳاپيل عملي هدايتن تي…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 277 رپيا 84 پئسا آهي. اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 11 پئسا مهانگو ٿيو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون رڪارڊ قائم ٿي ويو. هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار 77 پوائنٽس جي اضافي بعد ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. هنڊريڊ انڊيڪس 90 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي. ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد سبب هنڊريڊ انڊيڪس ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي. هنڊريڊ انڊيڪس ۾ هڪ هزار 77 پوائنٽس جي اضافي بعد 90 هزار جي نفسياتي حد پار ڪري وئي.

Read More

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو سان قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ملاقات ڪئي. ملڪ ۽ سنڌ  جي موجوده صورتحال تي تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. وفاقي حڪومت جي سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪريون ٿا. چولستان ۾ 6 ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند ٿي ويندو. ارسا، واپڊا، سي ڊي ڊبليو پي ۽ سي سي آء تعصب ڪندڙ ثابت ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته چار سئو ڪلوميٽر ڊگھي ساحلي پٽي…

Read More