Author: admin
ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ نصيرآباد ۾ گذريل رات ايس يو پي ڪارڪن ڊاڪٽر نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ ڪيبل آپريٽر واجد چانڊيو کي هٿيارن جي زور تي جبري گمشدگي جو نشانو بڻائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته جيڪڏهن نويد ساگر ڪانڌڙو ۽ واجد چانڊيو تي ڪنهن ڏوھ جو شڪ آهي ته پوءِ انهن خلاف الزام واضع ڪري کين بنا ڪنهن دير جي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪارڪنن جي سياسي وابستگي ۽ سڃاڻپ جي بنياد تي سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جمهوريت جي روح جي خلاف آهي، جبري گمشدگي…
حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد پوليس جو انوکو ڪارنامو، 15 مددگار سينٽر قاسم آباد جي انچارج کي ڌمڪائيندي گارگند ڪندڙ بااثر شخص جي پٽ کي بچائيندي واقعي جي داخل ڪيل ڪيس ۾ ان جي نالي بدران ان کي سليم باجاري جو مائٽ ڄاڻائي جوابدار ۽ سندس پوليس اھلڪار گارڊ گدا حسين کي نامزد ڪيو ويو آهي. قاسم آباد جي علي پيلس چوڪ وٽ قائم پوليس جي 15 مددگار سينٽر تي ھڪ بااثر شخصيت جي پٽ پاران چوڪي انچارج اظھر راھپوٽو کي گارگند ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، مددگار سينٽر جي انچارج اظھر راھپوٽو جي فرياد تي اھو ڪيس قاسم…
ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اوچتو سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 25 سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 84 هزار ست سئو رپين جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 144 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 44 هزار 84 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 25 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه هزار 752 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان ٻه هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو. آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي ريمارڪس ڏنا ته آئين عدليا جو نه پارليامينٽ جو معاملو آهي، توهان آئين جي آرٽيڪل 239 جو جائزو ورتو آهي؟ هن چيو ته ان ۾ اسان جو اختيارن جو دائرو ڪهڙو آهي؟ اسان وٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار ناهن، جيڪي اختيار هاءِ ڪورٽ وٽ آهي اهي ئي استعمال ڪري سگهون ٿا، 2 فورمز ڪيئن عدليا جي آزادي…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسافر جهاز کي روڊ ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪيو پيو وڃي. بوئنگ 737 جهاز کي ٽرالر تي لوڊ ڪري موٽروي ايم نائن رستي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي، جهاز کي حيدرآباد ۾ سول ايويئيشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ رکيو ويندو ۽ جهاز تربيتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو. سول ايويئيشن عملدارن موجب فائر فائٽرز جهاز ۾ مان مسافرن کي هنگامي طور ڪڍڻ جي تربيت وٺندا، جهاز مان ٽائر، پر ۽ انجڻ کي ڌار ڪيو ويو، جيڪي ٻئي ڀيري حيدرآباد نيا ويندا ۽ انسٽيٽيوٽ ۾ کين ڳنڍيو ويندو.
ڪراچي(رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ،جي ڊي اي جي سربراھ پير صاحب پاڳاري چيو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياء مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏني ويندي،اھڙن خيالن جو اظھار ھن جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪيم تحت ڪراچي جي پيئڻ جو پاڻي گھٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،مان سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيان،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو درياء بچايو…
ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ ڳوٺ فوجي رانگِڙ جي رهواسڻ ڏائڻ نما لالچي سڳي ماءُ راڻي ڪولهي پاران چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ پنهنجي 14 ورهين جي معصوم ڌي ڪيسو ڪولهي کي بدپيشي لاءِ وحشين حوالي ڪرڻ تي معصوم نينگري سان چار ڏينهن تائين اجتماعي ڏاڍائي ڪرڻ تي معصوم نينگري جي حالت بگڙڻ جي نتيجي ۾ واپس ماءُ حوالي ڪرڻ بعد معصوم ناري جو مڪمل علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل ڪيسو ڪولهي جون ڳوٺ ۾ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو معصوم ناري جو والد دماغي طور بيمار هجڻ ۽ امڙ جيل ۾…
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 16 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانووءِ ٻه لک 85 هزار رپين جو ٿي ويو آهي. ايسوسيئيشن موجب، اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1372 رپيا واڌ بعد 2 لک 44 هزار 342 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 16 ڊالر چاڙهه بعد ٻه هزار ست سئو پنجونجاهه ڊالرز ٿي وئي آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نجي اسڪولن ۾ ٻارن جي داخلا ۽ ماهوار فيس کانسواءِ ٻين واڌو فيسن کان تنگ والدين لاءِ سٺي خبر اچي وئي. ڊائريڪٽوريٽ پرائيويٽ انسٽيٽيوشن نجي اسڪولن لاءِ هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن موجب داخلا ۽ ماهوار فيس کانسواءِ سموريون واڌو فيسون غير قانوني تصوير ڪيون وينديون. نوٽيفڪيشن موجب ڪو به پرائيويٽ اسڪول واڌو فيس وٺي ته سنڌ حڪومت سان رابطو ڪيو وڃي، واڌو فيسون وصول ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولن خلاف ڪارروائي ٿيندي، والدين کي اسڪول جي مونوگرام واريون ڪاپيون خريدڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.
ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي وارن لاءِ بُري خبر، موسميات کاتي شهر ۾ ايندڙ 2 ڏينهن تائين وڌيڪ گرميءَ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب، شهر ۾ ايندڙ ٻن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ اڄ کان سامونڊي هواون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته شهر م صبح جي وقت هلڪي ڪوهيڙو جو به امڪان آهي. موسميات کاتي طرفان صوبي جي ٻين شهرن ۾ گرم موسم جي شدت ۾ اڄ کان لاٿ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.