Author: admin

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر عارف علوي نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي خط لکي ڇڏيو. خط ۾ عارف علوي چيو ته مان توهان کي پاڪستاني عوام طرفان مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، اسان جمهوري قومن طور مسلسل سهڪار جا منتظر آهيون. هن چيو ته توهان جي ڪاميابي دنيا جي آمرن کي لوڏي ڇڏيو آهي، توهان پاڪستان جا سٺا دوست رهيا آهيو، توهان جيڪو چوندا آهيو اهو ڪندا آهيو، عالمي مان خاطر ڪوششون جاري رکن تي توهان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيون ٿا.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 277 رپيا 79 پئسا آهي، اڄ ڊالر جو اگهه 9 پئسا وڌيو.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ 100 انڊيڪس 92 هزار 514 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو هاڪاري رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 366 پوائنٽون واڌ سان 92 هزار 304 جي بلند ترين سطح تي بند ٿيو. ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس نئين بلند ترين سطح 92 هزار 514 به قائم ڪئي، بازار ۾ اڄ 75 ڪروڙ شيئرز جا سودا ٿيا، شيئرز بازار جي ڪاروبار جي ماليت 32 ارب رپيا رهي. مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 49 ارب رپيا وڌي 11858 ارب رپيا آهي.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح اڍائي سيڪڙو گهٽائي وئي آهي. اسٽيٽ بئنڪ موجب زري پاليسي ڪميٽي پنهنجي اڄوڪي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 250 بيسز پوائنٽس گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميد کان وڌيڪ تيزيءَ سان گهٽ ٿي ۽ آڪٽوبر ۾ پنهنجي وچ مدي جي هدف جي ويجهو پهچي وئي آهي، آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان جي نئين پروگرام جي منظوري ڏني، جنهن سان غير يقيني ڪيفيت ختم ٿي آهي ۽ تجويز ڪيل ٻاهرين رقم جي آمد…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي هڪ ٻي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي سلسلي ۾ اجازت ڏني وئي آهي. ذريعن موجب سي اي اي ”فلاءِ عديل“ کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي درخواست تي اجازت ڏني، فلاءِ عديل پاڪستان لاءِ هفتيوار 11 پلائٽس جو سلاٽ سول ايوي ايشن طرفان منظور ڪيو ويو آهي. فلاءِ عديل جلد پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن شروع ڪندي، ڊي جي سي اي اي فلاءِ عديل کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي اجازت ڏني آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي نئين ايئر لائن جي پاڪستان اچڻ سان ڪمائي ۽ روزگار جا…

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري اسڪولن کي فراهم ڪتاب ۽ ڪاپيون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ ڪتاب ۽ ڪاپيون برآمد ڪري ورتون، ڪتاب ۽ ڪاپيون هڪ گهر ۾ لڪايون ويون هيون. پوليس ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سرڪاري فرياد تي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب جوابدارن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ تعليم کاتو جو عملو ملوث هجڻ جو ٻڌايو آهي، جوابدار سرڪاري اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب ڪور تبديل ڪري کپائيندا هئا. پوليس ٻڌايو ته جوابدار…

Read More

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد ۾ مسافر ڪوچ ۽ مني ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب مسافر ڪوچ ڪوئيٽا کان صادق آباد وڃي رهي هئي ته ٺُل جي گرڊ اسٽيشن ڀرسان حادثو پيش آيو. پوليس ٻڌايو ته حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا، زخمين کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال نيو ويو. پوليس موجب زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي.

Read More

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ جو سلسلو اڄ به جاري رهيو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1700 رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 83 هزار رپيا ٿي وئي آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 1457 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 627 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 17 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 2735 ڊالر في اونس آهي.

Read More

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ کي سنڌ جي بلديات کاتي جو ڪي ڊي اي ۽ ماسٽر پلان اٿارٽيءَ  جو ادارو 4 سالن جو آڊٽ رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي. بلديات کاتي جي ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي جا آفيسر هڪ مهينو اڳ پي اي سي اجلاس جي آگاهيءَ جي باوجود پي اي سي کي آڊٽ وارو رڪارڊ فراهم نه ڪري سگهيا. جمعي ڏينهن بلديات کاتي جي ماسٽر پلان اٿارٽي ۽ ڪي ڊي اي جي سال 2018ع کان 2021ع تائين آڊٽ پيرائن بابت پي اي سي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي…

Read More

ڪراچي ( رپورٽر)سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ صحافين طرفان  ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڏياري ملهائي وئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر جئپال ڇاپڙيا، ڪراچي پريس ڪلب جي گورننگ باڊي جي ميمبر شمس ڪيريو، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ۽کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ،ڊاڪٽر جبار خٽڪ، روزاني هلچل جي چيف ايڊيٽر ۽ ترقي پسند صحافي يونس مهر، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ جي صدر طاهر حسن خان، اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، قومي اسيمبلي جي ميمبر مھتاب اڪبر راشدي، صحافي مهيش  ڪمار، ايڊووڪيٽ علي پلهه ،ڊاڪٽر ڪريم خواجه، امتياز فاران ۽ ٻين مهمانن ڏياري جو گڏجي ڪيڪ ڪاٽيو ۽ ڏيئا ٻاريا،…

Read More