Author: admin
لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جو واقعو پيش آيو آهي. شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عبدالمعيز پٽ عبدالحميد شيخ کي پاڙي جي اوباش نوجوان مبينا طور بدفعلي جو نشاڻو بڻايو، جنهن کانپوءِ متاثر نينگر کي سندس وارثن دڙي ٿاڻي تي آندو، جتي پوليس وارثن کي ميڊيڪل ۽ علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي اماڻي ڇڏيو. ان موقعي تي نينگر جي امڙ روزينه شيخ صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پاڙي جي اوباش نوجوان سيف الله ڀٽي پٽ کي بدفعلي جو…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو، ميجر جنرل اظهر وقاص ڪمان سندس حوالي ڪئي. پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪمان تبديل ڪئي وئي، رينجرز ترجمان موجب ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو. ميجر جنرل اظهر وقاص سنڌ رينجرز جي ڪمان ميجر جنرل محمد شمريز حوالي ڪئي، ان سلسلي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر سنڌ ۾ پروقار تقريب ٿي. ترجمان موجب تقريب ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي. واضح رهي ته ميجر جنرل اظهر وقاص 2022 ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ مسلسل 3 ڏينهن لاٿ کانپوءِ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ٻه هزار رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 78 هزار 800 رپيا ٿي وئي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 21 ڊالر واڌ سان 2683 ڊالر في اونس آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ رڪارڊ تيزي جو سلسلو ڇنڇر جي آخري ڪاروباري ڏينهن به جاري رهيو ۽ ٽريڊنگ دوران 100 انڊيڪس 771 پوائنٽون واڌ سان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 93 هزارن جي نفسياتي حد به پار ڪري ويو. پي ايس ايڪس ويب سائيٽ موجب 100 انڊيڪس 771 پوائنٽون واڌ سان 93 هزار 291 تي پهچي ويو، جيڪو گذريل ڏينهن 92 هزار 520 تي بند ٿيو هو.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پرڏيهين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. صحافين سان ڳالهائيندي غلام نبي ميمڻ چيو ته جڳهه يا شخصيت جي حساسيت جي اعتبار سان سيڪيورٽي انتظام بهتر ڪيا ويندا، ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائمز ۾ گهٽتائي آئي آهي پر بهتري جي گنجائش سدائين رهندي آهي. هن تسليم ڪيو ته شهري علائقن ۾ اسٽريٽ ڪرائمز هڪ وڏو مسئلو آهي، ان جي خاتمي لاءِ اسان وڏيون ڪوششون ڪيون آهن.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن لاٿ ٿي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هڪ هزار رپيا لاٿ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت 2 لک 82 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 10 ڊالر گهٽجڻ سان 2727 ڊالر في اونس آهي.
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سم نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا اڪائونٽ خالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رضويا پوليس نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٿمب حاصل ڪري انهن جي اڪائونٽن مان پئسا ڪڍرائيندڙ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب نيٽ ورڪ تبديلي بهاني شهرين جا اڪائونٽ خالي ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدارن جو گروهه شهر جي مختلف روڊن تي بيهي شهرين کي لُٽيندو هو، جوابدار نيٽ ورڪ تبديل ڪرڻ بهاني سڃاڻپ ڪارڊ ٿنب حاصل ڪندا هئا ۽ پوءِ اڪائونٽ مان…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر اڄ به مهانگو ٿي ويو. اسٽيٽ بئنڪ موجب انٽر بئنڪ ۾ 5 پئسا واڌ کانپوءِ ڊالر 277 رپين 89 پئسن جو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 277 رپين 84 پئسن تي بند ٿيو هو.
خيرپور(رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ جسقم بشير خان قريشي گروپ پاران شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جادو شاھ موڙ اڳيان ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي جڏھن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ھٿن ۾ جھنڊا کڻي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنھن جي ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،سرفراز ميمڻ،فقير امداد منگي،پنھل ساريو ۽ اڪبر مڪول ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين سنڌ تي هميشه مختلف طريقن سان حملا ڪيا آھن ڪڏھن سنڌ جي وسيلن، ڪڏھن زمينن ۽ ڪڏھن پاڻي سميت…
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليجز جي داخلا ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) سميت سمورين ٽيسٽن ۾ شفافيت آڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ 6 هفتن ۾ ايم ڊي ڪيٽ امتحان وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ 18-2017 کان ورتي پئي وڃي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ ورتي ويندي آهي، جڏهن ته تازي امتحان ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ…