ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو، ميجر جنرل اظهر وقاص ڪمان سندس حوالي ڪئي.
پاڪستان رينجرز سنڌ جي ڪمان تبديل ڪئي وئي، رينجرز ترجمان موجب ميجر جنرل محمد شمريز ڊي جي رينجرز سنڌ جو عهدو سنڀالي ورتو.
ميجر جنرل اظهر وقاص سنڌ رينجرز جي ڪمان ميجر جنرل محمد شمريز حوالي ڪئي، ان سلسلي ۾ رينجرز هيڊ ڪوارٽر سنڌ ۾ پروقار تقريب ٿي.
ترجمان موجب تقريب ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سميت ٻين اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.
واضح رهي ته ميجر جنرل اظهر وقاص 2022 ۾ ڊي جي رينجرز سنڌ مقرر ٿيو هو.
Previous Articleسون جي اگهه ۾ مسلسل لاٿ کانپوءِ واڌ
Next Article لاڙڪاڻي ۾ 7 ورهين جي نينگر سان مبينا طور بدفعلي