خيرپور(رپورٽ : مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ جسقم بشير خان قريشي گروپ پاران شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي جادو شاھ موڙ اڳيان ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي جڏھن ته ريلي ۾ شريڪ ماڻھن ھٿن ۾ جھنڊا کڻي سنڌو درياهه تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف سخت نعريبازي ڪئي جنھن جي ريلي جي اڳواڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي،سرفراز ميمڻ،فقير امداد منگي،پنھل ساريو ۽ اڪبر مڪول ۽ ٻيا ڪري رهيا ھئا ان موقعي تي اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ڌارين سنڌ تي هميشه مختلف طريقن سان حملا ڪيا آھن ڪڏھن سنڌ جي وسيلن، ڪڏھن زمينن ۽ ڪڏھن پاڻي سميت سنڌ جي ٻين حقن تي ڌاڙا ھنيا ويا آھن ھنن چيو ته سنڌو درياءُ اسان سنڌين جي سڃاڻپ آهي ۽ اسان جي زندگي جو مستقل ۽ واحد سھارو سنڌو درياءُ جو وهڪرو آهي ۽ سنڌو درياءُ جي بند ٿيڻ سان پوري سنڌ ويران ۽ برباد ٿي ويندي، ھن چيو ته پنجاب هميشه ڏاڍ جي زور تي سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻي پنهنجون غير آباد زمينون آباد ڪيون آھن، جنھن ڪري پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون ڪيتريون ئي زمينون غير آباد بڻجي ويون آهن، ھنن چيو ته هي سنڌو مان پاڻي ڪڍي ڪري چولستان جي 48 لک ايڪڙ غير آباد ۽ وارياسي زمين آباد ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ جو آبادگار پاڻي نه ملڻ ڪري پنهنجا فصل پوکڻ لاءِ سخت پريشان آهن، جڏھن ته پنجاب سان سنڌ حڪومت پڻ ان ڪم ۾ ملوث آهي، ھنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن سنڌو درياءَ تي ڪئنال ٺاھڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ اندر تحريڪ جاري رھندي جنھن زميوار سنڌ ۽ پنجاب حڪومت تي ھوندي .