ميرپور خاص ( ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽر شاهنواز جي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ واري معاملي تي جوڙيل انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.
آءِ جي سنڌ جي انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ انڪشاف ٿيو آهي ته عمرڪوٽ پوليس طرفان ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪراچيءَ جي علائقي لياري مان جيئرو گرفتار ڪري محفوظ ھنڌ تي رکڻ لاءِ ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، سي سي ٽي وي مان واضح ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي ايس ايس پي ميرپورخاص جي گاڏي ۾ نيو ويو، ڊاڪٽر شاهنواز جي حوالگي ميرپور خاص ۾ جمڙائو چيڪ پوسٽ تي ڪئي وئي ۽ ڏيٺ ڪلاڪ کانپوءِ کيس سنڌڙي ۾ قتل ڪيو ويو.
2 ڊي آءِ جيز ۽ 2 ايس ايس پيز تي ٻڌل چار رڪني انڪوائري ڪميٽي طرفان 115 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ڪئي وئي.
رپورٽ ۾ 24 آفيسرن ۽ اهلڪارن جا بيان ورتا ويا، ان کان سواءِ رپورٽ 10 کان وڌيڪ شاهدن ۽ وارثن جا بيان پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
اختيارين موجب، آءِ جي سنڌ جي جاچ رپورٽ گهرو وزير ڏانهن اُماڻي وئي هئي.
ياد رهي ته 18 سپٽيمبر جي رات سنڌڙي پوليس جڙتو پوليس مقابلي ۾ عمرڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز کي مارڻ جي دعوت ڪئي هئي.
ڊاڪٽر شاهنواز قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، جاچ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف
Next Article آئيني ترميم ۾ ڪا خرابي ناهي: مراد علي شاهه