ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ حڪومت گهٽ ۾ گهٽ پگهار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
محنت کاتي جو ترجمان موجب، گهٽ ۾ گهٽ اجرت پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو هوندي، وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ پگهار ۾ واڌارو ڪيو ويو .
ترجمان جو چوڻ آهي ته صوبي جي صنعتي ۽ تجارتي ادارن ۾ 37 هزار ماهوار پگهار هوندي ۽ عورت ورڪرز کي به مرد ورڪرز جي جيتري پگهار ڏني ويندي.
ترجمان موجب، ڪنهن به اداري ۾ اڳواٽ وڌيڪ پگهار ڏني پئي وڃي ته اِها گهٽائي نه ويندي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته نوٽيفڪيشن تحت سمورا ادارا حڪومتي فيصلي تي عملدرآمد جا پابند هوندا.
Previous Articleنار بنگال ۾ سامونڊي طوفان، پاڪستان تي ڪهڙو اثر پوندو؟