ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لاهور کان ڪراچي ايندڙ اڏام وڏي حادثي کان بچي وئي، جهاز ۾ 180 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا.
لاهور کان ڪراچي ايندڙ نجي اڏام پي اي 142 جي ٽيڪ آف جي ڪجهه دير کانپوءِ پکي جهاز سان ٽڪرائجي ويو، جنهن سان خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي وئي.
ايئرپورٽ ذريعن ٻڌايو ته ڪپتان ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪري جهاز جي لاهور ايئرپورٽ تي ٽيڪنيڪل لينڊنگ جي اجازت گهري.
پوءِ ڪپتان جهاز کي حفاظت سان واپس لاهور ايئرپورٽ تي لاٿو، جهاز ۾ 180 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، جن کي لانچ منتقل ڪيو ويو.
Previous Articleبختاور پنهنجي پٽ جو نالو ”مير ذوالفقار محمد چوڌري“ رکي ڇڏيو
Next Article رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر سستو ٿي ويو