ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي ۽ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2 لک 82 هزار 300 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 429 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 42 هزار 27 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 5 ڊالر واڌ سان 2726 ڊالر في اونس آهي.
رڪارڊن مٿان رڪارڊ، سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو
Next Article بختاور ڀٽو ٽئين پٽ کي جنم ڏئي ڇڏيو