ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ امڪاني آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي،
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جي درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس شفيع محمد صديقي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته آئيني ترميم ٿي ئي نه ناهي ته عدالت مداخلت ڪيئن ڪري سگهي ٿي، ترميم کان پهريون اندازو ڪيئن لڳائي سگهجي ٿو ته آئين تحت آهي يا ناهي؟
درخواست ڏيندڙن جي وڪلي موقف اختيار ڪيو ته آئيني ترميم جو مسودو اسيمبليءَ ۾ آندو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي چيو ته پوءِ اوهان درخواست هتي کڻي آيا آهيو؟، اسيمبلي ۾ ويٺل 24 ڪروڙ عوام جا چونڊيل نمائندا آهن.
چيف جسٽس محمد شفيع صديقي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهيو آهي؟، جنهن تي وڪيل چيو ته فيصلو پڙهيو آهي.
عدالت امڪاني آئيني ترميم خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.
Next Article سون جي اگهه ۾ لاٿ