ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران نوڪرين لاءِ عمر واري رعايت ختم سبب بي روزگار نوجوان مايوسي جو شڪار، هاڻي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾28 سالن کان مٿي وارن نوجوانن جون درخواستون ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم وصول نه پيو ڪري خبر موجب گذريل مهيني 30 سيپٽمبر 2024 تي نوڪرين لاءِ نوجوانن کي مليل 15 سال رعايت سنڌ حڪومت پاران ختم ڪرڻ بعد هاڻي صرف 18 کان 28 سالن تائين جي نوجوانن کي نوڪرين لاءِ اهل قرار ڏنو ويو آهي، تازو سنڌ پبلڪ سروس پاران جاري ٿيل سوين آسامين لاءِ 28 سالن کان مٿي وارن نوجوانن کي نااهل قرار ڏنو ويو آهي جنهن تحت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو ڪمپيوٽرائزڊ نظام 28 سالن کان مٿي وارن نوجوانن جون درخواستون قبول نٿو ڪري. جنهن سبب سنڌ جا لکين نوجوان مايوسي جو شڪار ٿي ويا آهن. ٻئي پاسي 5 کان 15 گريڊ جي نوڪرين لاءِ 3 سال اڳ نوجوانن کان آئي بي اي ذريعي ٽيسٽون ورتيون ويون جنهن تحت چالان جي مد ۾ ڪروڙين روپيا اوڳاڙيا ويا پر هن مهل تائين نوڪريون نه ملي سگهيون اهڙي ريت هڪ کان 4 گريڊ جي نوڪرين لاءِ پڻ 3 سال اڳ نوجوانن کان درخواستون وٺي انٽرويو ڪيا ويا پر هن مهل تائين نوڪريون نه ملي سگهيون ويتر عمر واري رعايت ختم ڪري لکين نوجوانن کي مايوس ڪيو ويو آهي.