لاڙڪاڻو (رپورٽ:عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو پوليس شهر مان ڪجهه ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل ناري کي ڪراچي مان آزاد ڪرائي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي روحل کوسو جي حڪم تي ايس ايڇ او اصغر جروار پنهنجي ٽيم سان گڏ ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪندي گم ڄاڻايل ناري کي آزاد ڪرايو.
واضح رهي ته ناري لاڙڪاڻي شهر جي شھيد عبدالمالڪ ڀٽو ٿاڻي جي حد مان ڪجهه ڏينهن اڳ گم ٿي هئي، وارثن سندس گمشدگي جو اطلاع پوليس کي ڏنو هو.
پوليس موجب ناريءَ کي ڪراچي جي غازي ڳوٺ مان ھٿ ڪيو ويو، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته ناري کي بيان لاءِ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.
Previous Articleسون جي اگهه ۾ سوين رپيا لاٿ