ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سون جي اگهه ۾ مسلسل واڌ بعد اڄ سوين رپيا لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، سڄي ملڪ ۾ في تولو سون ست سئو رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 75 هزار پنج سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون جي قيمت ڇهه سئو رپيا لاٿ کانپوءِ ٻه لک 36 هزار 197 رپيا ٿي وئي آهي.
ان کانسواءِ عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ست ڊالر لاٿ بعد ٻه هزار ڇهه سئو ٽيونجاهه ڊالرز ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
Previous Articleڪراچي جا شهري هوشيار! سمن جي غير قانوني استعمال جو انڪشاف