ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سڀاڻي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي ٽي آءِ ريلي ڪڍڻ جي اجازت لاءِ ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي پريس ڪلب کان قائداعظم جي مزار تائين ريلي ڪڍي ويندي.
پي ٽي آءِ جي خط موجب ريلي ساڍي 4 وڳي شروع ٿيندي ۽ 6 وڳي ختم ٿيندي، ريلي پي ٽي آءِ باني جي آزادي ۽ آئين جي تحفظ لاءِ ڪڍي ويندي.
هوڏانهن ڪراچي جي ڪمشنر پي ٽي آءِ جي درخواست تي ڪراچي پوليس چيف کان راءِ گهري ورتي.
ڪمشنر جو چوڻ آهي ته تجويزن کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو ته ريلي جي اجازت ڏيڻي آهي يا نه؟
Previous Articleسون جي اگهه ۾ لاٿ