ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
آمريڪي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي اميدن تي مهانگي ٿيندڙ سون کي گذريل ڏينهن يورپي سينٽرل بئنڪ جي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي فيصلي نئون زور ڏنو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 51 ڊالر وڌي ٻه هزار 566 ڊالر ٿي وئي آهي.
سون جو عالمي اگهه وڌڻ جو اثر پاڪستان ۾ پيو ۽ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه هزار 900 رپيا واڌ سان ٻه لک 65 هزار 900 رپيا ٿي وئي آهي، اها ملڪ ۾ في تولي سون جي بلند ترين سطح آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون ٻه هزار 486 رپيا واڌ سان ٻه لک 27 هزار 966 رپين جو ٿي ويو آهي.
Next Article پي ٽي اي جو ”ايڪس“ جي بندش بابت نوٽيفڪيشن تي يوٽرن