اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ميمبر نواب يوسف ٽالپر مطالبو ڪيو ته سنڌ کي معاهدي موجب پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد مصطفيٰ شاهه جي سربراهي ۾ ٿيو.
سيد نويد قمر چيو ته اسان جا ميمبر پاڻي جي ورڇ جي معاملي تي ڳالهائڻ چاهين ٿا، کين اجازت ڏني وڃي.
نواب يوسف ٽالپر چيو ته اسان اڳ ئي پاڻي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هاڻ 4.8 ملين ايڪڙ زمين کي پاڻي جي ڳالهه ڪئي وئي آهي، اها سنڌ جي اجازت بنا ڪئي وئي آهي.
هن چيو منهنجي اپيل آهي ته سنڌ جي مفاد ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ اهي ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن، سنڌ کي اڳ ئي 50 سيڪڙو گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي، سنڌ جي اجازت بنا ڪنهن نئين زمين کي پاڻي نه ڏيڻ گهرجي.
Previous Article”پاڻيءَ تي جنگ ڇڙي ويندي، پاڻي جياپو آهي“ سنڌ حڪومت پاران ارسا ايڪٽ ۾ ترميم جي مخالفت
Next Article اسلام آباد پوليس شير افضل مروت کي گرفتار ڪري ورتو