ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1400 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 63 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1200 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 25 هزار 908 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 15 ڊالر واڌ سان 2518 ڊالر في اونس آهي.
Previous Articleعدالت سنڌ حڪومت کي نين ڊبل ڪيبن گاڏين جي خريداري کان روڪي ڇڏيو
Next Article نون ڪرنسي نوٽن جي حوالي سان اهم خبر