ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مان هزارين آمريڪي ڊالر سمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، دوحا ويندڙ مسافر جي سامان مان 20 هزار ڊالر برآمد ٿيا.
ڪراچي ايئرپورٽ تي بين الاقوامي روانگي تي ڪسٽمز عملي شڪ جي بنياد تي مسافر کي روڪي ورتو.
ڪسٽمز ترجمان ٻڌايو ته مسافر وٽان هزارين ڊالر برآمد ڪري مني لانڊرنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، ڪراچي مان دوحا ويندڙ مسافر جي سامان مان 20 هزار ڊالر برآمد ٿيا.
اختيارين موجب ڪرنسي کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ ضبط ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي پر مني لانڊرنگ جي اصل جوابدارن جي ڳولا لاءِ مسافر کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.