اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪي اليڪٽرڪ جو اڳوڻو ملازم نڪتو.
قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي ۾ ڪابينا ڊويزن لکت جواب ۾ ٻڌايو ته ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪي اليڪٽرڪ جو اڳوڻو ملازم آهي ۽ ڪراچي ۾ نيپرا جي صلاحار جي مقرري شفاف ۽ سخت عمل ذريعي ٿي.
ڪابينا ڊويزن چيو ته صلاحڪار جي چونڊ وڏي تجربي ۽ ڪراچي ۾ بجلي جي شعبي ۾ ڄاڻ جي بنياد تي ڪئي وئي، ڪراچي ۾ نيپرا جو صلاحڪار ڪنهن به شڪايت بابت اڪيلي سر ڪو فيصلو نٿو ڪري سگهي.
ڪابينا ڊويزن ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين ڪي اليڪٽرڪ خلاف نيپرا کي 6862 شڪايتون مليون ۽ ڪي اليڪٽرڪ خلاف 6376 شڪايتن کي اڪلايو ويو، جڏهن ته 486 تي ڪم جاري آهي.
ڪابينا ڊويزن موجب شڪايتن کي اڪلائڻ لاءِ نيپرا ۾ 1372 ٻڌڻيون ٿيون.
Previous Articleڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس سان حادثو، 29 ڄڻا اجل جو شڪار
Next Article ڊاڪٽر قاسم راڄپر جي گهرواري زرقا سهتو لاڏاڻو ڪري وئي