سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ کي جلسو رد ڪرڻ جو نه چيو پر انهن ناڪامي جي خوف کان جلسو رد ڪيو.
سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جلسو رد ٿيڻ کانپوءِ عمران خان، بشريٰ بي بي، رئوف حسن ۽ عليمه بي بي جي گفتگو سڀني جي سامهون آهي، پي ٽي آءِ ۾ اختلاف واضح ٿي رهيا آهن، جلسو ڪامياب ٿيڻو هجي ته ڪڏهن به رد نه ڪن ها.
هن چيو اهي چئي رهيا آهن ته 9 مئي جا ذميوار اسان ناهيون، مون کي ٻڌايو ته چهرا ڪرائي جا هئا؟ انهن جا وڊيو ۾ چهرا هئا، 9 مئي واقعن کي هزارين نه ڪروڙين ماڻهن ڏٺو، 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن جون شڪلون وڊيوز ۾ واضح ڏسي سگهجن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته ٻاهرين ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، ان جو ڀرپور مقابلو ڪنداسين، پاڪستان جي وحدت جو ڀرپور دفاع ڪيو ويندو.