ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) مڪران ڪوسٽل هاءِ وي بزي لڪ واري هنڌ ايران کان ايندڙ زائرين جي بس کاهيءَ ۾ ڪِرڻ سان 12 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ايڌي ذريعن موجب حادثي ۾ 35 ڄڻا زخمي به ٿيا، جن کي فوري طور ويجهي اسپتال نيو ويو، جڏهن ته فوتين جا مڙهه ٽراما سينٽر ڪراچي منتقل ڪيا ويا.
زائرين جي بس ايران کان اچي رهي هئي ته بزي لڪ واري هنڌ بريڪ فيل ٿيڻ سبب کاهيءَ ۾ ڪِري، ريسڪيو ٽيمن موقعي تي پهچ فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي ڪڍيو، فوتين جو واسطو لاهور ۽ گوجرانوالا سان ٻڌايو پيو وڃي.
هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي علاج جون بهتر سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.
ايران کان ايندڙ زائرين جي بس مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، 12 ڄڻا فوت
Previous Articleخيرپور: ڪار مان ٽڪ ٽاڪر عورت سميت ٻن ڄڻن جا لاش هٿ
Next Article پي ٽي آءِ ناڪامي جي خوف کان جلسو رد ڪيو: خواجا آصف