اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيپرا ڪراچي وارن لاءِ بجلي ٻن مهينن جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي.
نيپرا طرفان جاري نوٽيفڪيشن موجب ڪي اليڪٽرڪ لاءِ مئي ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي 5 رپيا 76 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي.
نيپرا ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ مئي جي ايڊجسٽمينٽ ۾ بجلي ٻه رپيا 59 پئسا في يونٽ ۽ جون جي ايڊجسٽمينٽ مد ۾ بجلي 3 رپيا 17 پئسا في يونٽ مهانگي ٿي.
نيپرا نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته مئي جي واڌ آڪٽوبر ۾ ۽ جون جي واڌ نومبر ۾ وصول ڪئي ويندي.
Previous Articleپنجاب ۾ قلم 144 لاڳو، ڌرڻن ۽ احتجاج تي پابندي لاڳو
Next Article HAZRAT SHAH ABDUL LATIF BHITTAI