ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري مطالبو ڪيو آهي ته ايڪسپورٽ لاءِ 20 سالن جي پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي.
ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران ٽيسوري چيو ته آٽو موبائيل انڊسٽري جا مسئلا وفاقي حڪومت آڏو رکيا ويندا، پاڪستان مان ڪارن ۽ پارٽس جي ايڪسپورٽ به شروع ٿي چڪي آهي.
هن چيو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ توانائي جو بحران حل ٿي ويندو ۽ اگهه به گهٽ ٿي ويندا، آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون وينديون ۽ آءِ ايم ايف پروگرام مان به نڪري اينداسين، هن چيو ته وزيراعظم کي خط لکيو آهي، سنڌ حڪومت کي چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جي گنجائش ڪڍي.