نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي شهر بينگلورو ۾ آچر جي صبح هڪ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار ناريءَ سان مبينا طور لڄالٽ ڪئي.
ڀارتي ميڊيا موجب ايڊيشنل ڪمشنر آف پوليس (ايسٽ زون) رمن گپتا ٻڌايو ته ناري ڪاليج جي شاگردياڻي آهي، جيڪا پنهنجي گهر واپس وڃي رهي هئي ته هڪ نوجوان کان لفٽ ورتائين ۽ ڪجهه فاصلي تائين ڇڏڻ جو چيو.
پوليس ٻڌايو ته نوجوان لفٽ ڏيڻ کانپوءِ ناريءَ تي حملو ڪيو ۽ کيس لڄالٽ جو نشانو بڻائي ڇڏيو.
پوليس موجب متاثر ڇوڪريءَ جي گهر ڀاتين سان ڳالهايو آهي ۽ جوابدار جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن.
Previous Articleڀارت ۾ هڪ ٻئي فوجي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
Next Article شيخ حسينا واجد خلاف قتل جو هڪ ٻيو ڪيس داخل