نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي فوج ۾ اختلاف تي ڪهڙي ريت پنهنجي هيٺئين درجي جي فوجين کي قتل ڪرايو وڃي ٿو، ان جو اظهار فوجي اميت ڪمار جي پيءُ جي ان خط مان ٿئي ٿو جيڪو هن ڀارتي آرمي چيف جنر منوج پانڊي کي لکي کانئس پنهنجي پٽ جي موت جو سبب بڻجندڙ حالتن بابت وضاحت طلب ڪئي آهي.
ذريعن موجب خط ۾ اميت ڪمار جي پيءُ چيو آهي ته پٽ ڄمون ۽ ڪشمير لائيٽ انفنٽري ۾ مقرر هو ۽ هڪ سينيئر فوجي آفيسر جي مددگار جي طور تي مقرر ڪيو ويو هو.
خط موجب سندس پٽ اولهه بنگال ۾ پوسٽ دوران فوجي آفيسر جي گهر ۾ به هراسان ٿيندو رهيو هو 7 هڪ ڏينهن هن آفيسر جا ڪجهه ڪم ڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته کيس واپس يونٽ ۾ گهرايو ويو هو.
مارجي ويل فوجي جي پيءُ رتن سنگهه پٽ جي پراسرار موت تي خدشن جو اظهار ڪندي لکيو ته يونٽ ۾ واپسي کان اڳ هو هڪ هوٽل ۾ مئل حالت ۾ مليو.
هن ڀارتي فوج جي سربراهه کان مطالبو ڪيو ته سندس پٽ جي پراسرار موت جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ واقعي جي سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن کان جاچ ڪرائي.