ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن (يو اي اِي) مين گند گڏ ڪرڻ جا معاملا هاڻي روبوٽ انجام ڏيندا، پهريون ڀيرو ڊرون روبوٽن کي ترندي سامونڊي گند کي گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ان قدم جو مقصد جديد ٽيڪنالوجي ۽ سلوشنز ذريعي ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ آهي.
رپورٽ موجب اهو جديد ترندڙ روبوٽ تازي ۽ کاري پاڻي ٻنهي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ننڍين تنگ جڳهين کي صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
اهو لاڳيتو 6 ڪلاڪن تائين سيلف ڊرائيونگ موڊ م ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان جديد روبوٽ جي خاصيت اها آهي ته ان کي وڊيو ڪيمرا ۽ رموٽ سينسرز سان سلهاڙيو ويو آهي، اها ٽيڪنالوجي گند جي مختلف شڪلن مثلن پلاسٽڪ، شيشي، ڌاتو، ڪاغذ، ڪپڙي، رٻڙ وغيره کي ڌار ڪرڻ لاءِ مهارت سا پنهنجو ڪم ڪري ٿي.
Previous Articleنيوزيلينڊ منتقل ٿيڻ چاهيو ٿا؟ سٺي خبر اچي وئي