عالمي مذهبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن ڀارت ۾ مذهبي آزادين ۾ گھٽتائي جي نشاندهي ڪري ڇڏي.
ڪميشن آمريڪا جي پرڏيهي وزارت کي ڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ نامزد ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي.
ڪميشن جو چوڻ هو ته ڀارت ۾ مذهبي اقليتن کي نشانو بڻائيندڙ قانون ۽ پاليسيون لاڳو ڪيون ويون آهن.
ڪميشن موجب ڀارت ۾ مسلمانن، سکن، مسيحن، دلتن ۽ ٻين اقليتن تي حملي ۾ اضافو ٿيو آهي.
ڪميشن جو چوڻ هو ته نئين دهلي ۾ هندو مسلمان ڏڦيڙن کان پوءِ مسجد کي ساڙيو ويو ۽ نائب امام کي قتل ڪيو ويو هو.
گڏيل قومن جي اقليتي مسئلن تي خاص نمائيندي فرنينڊ ڊي ويرنس چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي کان پوءِ ماڻهن کي راءِ ڏيڻ جي حق کان محروم ڪيو ويو.
ڪميشن جو چوڻ هو ته خاص ڪري مسلمان ڪميونٽي جي سياسي نمائندگي جو حقو کسيو پيو وڃي.
Previous Articleڪار جي انجڻ مان نانگ نڪري آيو، وڊيو وائرل
Next Article ايئرپورٽ تان ڀولڙن جون سوين کوپڙيون پڪڙڻ جو انڪشاف