پيرس (ويب ڊيسڪ) پيرس جي ڪسٽم اختيارين ايئرپورٽ تان ڀولن جون سوين کوپڙيون پڪڙڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب پيرس جي چارلس ڊي گوالي ايئرپورٽ تي مقرر ڪسٽم اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل سال جي آخر 7 مهينن ۾ هنن ايئرپورٽ تان ڀولڙن جون 400 کوپڙيون پڪڙيون آهن.
پيرس جي سڀ کان وڏي ايئرپورٽ تي مقرر ڪسٽم ايجنٽس ٻڌايو ته هنن مئي کان ڊسمبر 2022 جي وچ ۾ 392 پوسٽڊ پيڪيجز پڪڙيا جن ۾ ڀولڙن جون کوپڙيون موجود هيون جن کي آمريڪا موڪليو پيو وڃي.
اختيارين ٻڌايو ته گھڻن پيڪيجز ۾ کوپڙيون، هڏا ۽ ٻيا عضوا هئا جنهن ته اختيارين قانوني طور تي وڪري جوڳي ڪنهن به شيءِ کي قبضي ۾ ناهي ورتو.
اختيارين موجب منشيات، اسلحي ۽ انسانن جي سمگلنگ کان پوءِ اهڙين شين جي ٽريفڪنگ سڀ کان وڌيڪ منافعي بخش ڪم آهي جنهن ۾ ساليانو 8.5 کان 21.5 بلين ڊالرز ڪمايا ويندا آهن.
Previous Articleڀارت کي ڳڻتي جوڳو ملڪ قرار ڏيڻ جي سفارش